داخلا نمبر 2375
عنوان آرِيٺو / آرِيٺڙو
شاخ وڻ
پڙهيو ويو 411 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آرِيٺو / آرِيٺڙو

آرِيٺو / آرِيٺڙو: هڪ قسم جو وڻ ۽ ان جو ٻج، جو گول داڻن جي صورت ۾ سوپاريءَ جيڏو ٿيندو آهي، جنهن کي ڀڃي، ان جون کلون پاڻيءَ ۾ ڇاڇولبيون آهن ته اهي صابڻ وانگر گجي ڪندو آهي. ان گجيءَ ۾ ريشمي ۽ اوني ڪپڙا ڌوپجندا آهن. هي گول داڻا چٽڪمرا، زرديءَ ۽ ڳاڙهاڻ تي مائل هوندا آهن، جن جي مٿين کل لاهبي ته اندران ٻير جيڏو ڪارو گول داڻو نڪرندو. دوائن ۾ اُها مٿين کل ڪم ايندي آهي ۽ اندريون ڪارو داڻو ڪم نه ايندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

وڻ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آبنوس
باغ شرڌانند
باغ فدڪ
باغ فردوس
بانس
ٻاٽي (جابلو وڻ)
ٻاوري
ٻائوري
ٻٻر (وڻ)
ارڻي
وڻ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون