داخلا جي تاريخ 2012-03-13
داخلا نمبر 2666
عنوان آزاد برڪت علي ڪامريڊ
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 626 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
برڪت علي آزاد

برڪت علي آزاد

آزاد برڪت علي ڪامريڊ

آزاد، برڪت علي ڪامريڊ: (1917-1998) سنڌ جو مشهور ترقي پسند اديب، شاعر، صحافي ۽ بيباڪ سياستدان، جيڪو پيدا ته ڀارتي صوبي پنجاب جي امرتسر شهر ۾ ٿيو، پر سنڌ ۾ اچڻ کان پوءِ ٺيٺ سنڌي بنجي ويو. سنڌ جو شيدائي، سنڌي ٻوليءَ جو شاعر ۽ ترقي پسند اديب ٿي گذريو آهي. پرائمري ۽ ديني تعليم سنڌيءَ ۾ حاصل ڪيائين. 1930 ۾ ميونسپل هاءِ اسڪول جيڪب آباد مان مئٽرڪ پاس ڪيائين. هن کي ننڍي هوندي کان ئي انقلابي تحريڪن ۾ حصي وٺڻ جو شوق هو، ترقي پسند ۽ انقلابي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ڪري ڪئين دفعا جيل ڪاٽيائين. ادبي لحاظ کان سندس شمار سنڌ جي ترقي پسند اديبن جي پهرينءَ قطار ۾ ٿئي ٿو. 1941ع ۾ روسي اديب ”ڪروپا ٽڪن جي ڪتاب“ جو ”نوجوانن ڏانهن“ عنوان سان ترجمو ڪيائين، جنهن ڪتاب جا محمد ابراهيم جويي جي مهاڳ سان ڇهن کان وڌيڪ ڇاپا ڇپجي چڪا آهن. ڪامريڊ برڪت علي ’آزاد‘ مهاتما گانڌيءَ جي آشرم ۾ به ڇهه مهينا کن تربيت حاصل ڪري 1935ع ۾ حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ ڪجهه عرصو قيد رهيو، ان ساڳئي وقت پير صبغت الله شهيد به جيل ۾ قيد هو. ڪامريڊ مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو رهيو، سندس شاعري ۽ مضمون ڇپجندا رهيا. سکر ۾ وڏي لائبرري هئس. هن جي رهائش سکر توڙي جيڪب آباد ۾ هئي. پاڻ 7 مارچ 1998ع تي وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1917.00.00  عيسوي

آزاد برڪت علي ڪامريڊ 1917ع ۾ ڄائو.


1998.03.07  عيسوي

آزاد برڪت علي ڪامريڊ 7 مارچ 1998ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون