داخلا نمبر 2671
عنوان آزاد صوفي
شاخ راڳي
پڙهيو ويو 610 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آزاد صوفي

آزاد صوفي: مشھور سنڌي گائڪ، سندس اصل نالو پي. بي. درياناڻي آھي. 15 فيبروري 1930ع ۾ خيرپور، سنڌ ۾ ڄائو. مختلف سرن ۾ گيت ڪمپوز ڪري ڳايل اٿس. ھن ماسٽرس وائس پاران سندس ڪيترائي رڪارڊ ڀريل آھن. ڀارت جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌي سنگيت جا پروگرام ڪيائين ۽ ھندستان جي مختلف ريڊيو اسٽيشنن تان آزاد صوفيءَ جا ڳايل ڪلام اڪثر نشر ٿيندا رھندا آھن. 1968ع کان 1978ع تائين سندس ڪلامن جا ”ٺار ماتا ٺار“، ”ست نارائڻ جي ڪٿا“، ”صوفين جي سوغات“ ۽ ”شو راتري مھاتم“ ڪتاب شايع ٿيل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.02.15  عيسوي

آزاد صوفي 15 فيبروري 1930ع ۾ خيرپور ، سنڌ ۾ ڄائو .



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بالي اقبال
بالي/گولي
بخشو ۽ صادق علي
ٻارٽ
ٻالڪ سنڌي
ٻڍو فقير
استاد شفيع فقير
استاد صادق علي خان
استاد عاشق علي خان
استاد ڪريم بخش خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون