آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي

آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي: ھيءُ سنڌ ۾ ڇپائيءَ جو اهم ادارو آھي، جنھن جو بنياد 1990ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وڌو ويو، نور احمد ميمڻ ۽ بدر الدين ھيسباڻيءَ ان زماني ۾ ايپل مئڪنٽاش ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ جو پنھنجو سافٽ ويئر تيار ڪري ورتو ۽ ان سافٽ ويئر جي خوبصورت فانٽن سان آزاد ڪميونيڪيشنز جي نالي سان پرنٽنگ جو ادارو قائم ڪيائون. طباعت جي دنيا ۾ ھن ا داري نوان لاڙا متعارف ڪرايا ۽ سنڌي ڪتابن جي ڇپائيءَ جو معيار انگريزيءَ ۽ اردو ڪتابن جي مقابلي ۾ آندو. ڀٽ شاھ ثقافتي مرڪز، سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جا ڪافي ڪتاب ھن اداري شايع ڪيا آهن. ھيستائين اداري جي ڇپيل ڪتابن جو تعداد هزارن ۾ آھي. ھن ا داري پاران ماھوار ”سھڻي“، ”پرک“، پروڙ“، ”نئون نياپو“، ”سارس“، ”الفاروق“، ”سنڌ فورم“ ۽ ٻين ننڍن وڏن رسالن جي ڇپائي پڻ ڪئي وئي آھي. مشھور اشاعتي اداري ”سنڌيڪا“جا ڪتاب سٽاءَ، گيٽ اپ، لي آئوٽ خوبصورتيءَ ۾ سڀ کان اڳرا ليکيا ويندا آھن، جيڪي ڪتاب پڻ آزاد ڪميونيڪشنز ذريعي ڇپجي پڌرا ٿيندا رھيا آھن. ھيءُ ادارو نئشنل بوڪ فائونڊيشن پاران مختلف وقتن تي بھترين طباعت جا ايوارڊ پڻ حاصل ڪندو رھيو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو