آزاد گهرجي وطن

آزاد گهرجي وطن

آزاد گھرجي وطن

آزاد گھرجي وطن (ڪتاب ):ھيءُ ڪتاب مشهور شاعر خاڪي جويي جو پهريون شعري مجموعو آهي. هن ڪتاب جي اهميت اها آهي ته ان ۾ 140 بندن تي مشتمل طويل نظم جو تجربو ٿيل آهي. سنڌ جي حوالي سان حب الوطنيءَ جو ھڪ شاھڪار نظم آھي. ڇاپو پھريون غلام حيدر جويي، پرفيڪٽ پرنٽرس حيدرآباد مان 1973ع ۾ ڇپايو. هن ڪتاب جو مهاڳ برک دانشور محمد ابراهيم جويي جو ”ايءَ خاڪيءَ جو خيال“ عنوان سان لکيو هو. ھن شعري مجموعي جا ڪيترا ڇاپا شايع ٿي چڪا آھن. عنوان واري نظم کي مخصوص ڌن سان جيجي زرينه ڳائي، سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور ڪيو ۽ اڪثر قومي جلسن ۾ هي نظم ڳائجڻ لڳو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو