داخلا ؛ 2908
پڙهيو ويو ؛ 555
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-16


تصويرون


asanand.jpg
آسانند مامتوارا
آسانند مامتوارا



ٽائيم لائين

1903.00.00-A.D
آسانند مامتورا ، 1903ع ۾ اولڊ ٽائون ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو .




sindhianaسنڌيانا--آسانند مامتورا

ٽائيٽل ؛ آسانند مامتورا


شاخ : ڪهاڻيڪار

آسانند مامتورا: سنڌي ٻوليءَ جي بزرگ ساهتڪار، نثر نويس ۽ ڪھاڻيڪار آسانند مامتورا، 1903ع ۾ اولڊ -ٽائون- ڪراچيءَ ۾ -جنم- ورتو. ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو ادب ۽ فلسفيءَ طرف رھيو. ھاءِ اسڪول جي -تعليم- دوران لالچند امر ڏنيمل جڳتياڻيءَ ۽ ڪاليج ۾ ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جھڙن وڏن ليکڪن وٽ -تعليم- حاصل ڪرڻ ۽ سندن صحبت اختيار ڪرڻ سبب ھن جي دل ۾ به ادب لاءِ چاھ پيدا ٿيو، اسڪولي زندگيءَ ۾ ئي چيدا مضمون لکڻ شروع ڪيائين. ڪاليج جي زماني ۾ ڪيترا ليک ۽ ڪھاڻيون لکيائين. ڪاليج جي پرنسپال گربخشاڻيءَ سندس ڪھاڻيون پڙھي، کيس صلاح ڏني ته ھو صرف ڪھاڻيون لکي.
آسانند مامتورا، امر لال ھنڱوراڻيءَ ۽ مرزا نادر بيگ کان پوءِ حقيقت نگاريءَ واري دور جو ٽيون وڏو ڪھاڻيڪار آھي، جنھن سنڌي ڪھاڻيءَ کي ھڪ نئون موڙ ڏنو، سندس ڪھاڻيون حقيقت تي ٻڌل ته ھيون، پر ھن انھن ۾ پھريون ڀيرو نفسياتي ۽ جنسي مسئلن کي ڇھيو. پروفيسر منگھا رام ملڪاڻيءَ جي لکڻ موجب سندس پھرين سماجي ڪھاڻي ’ھيءُ پريم‘ 1932ع ۾ ’سنڌو‘ رسالي ۾ شايع ٿي. -ان- کان پوءِ جڳت آڏواڻيءَ، 1939ع ۾،آسانند مامتورا جي چئن ڪھاڻين جو مجموعو ’جيوت، پريم ۽ پاپ جون ڪھاڻيون‘، ڪھاڻي ساھت منڊل، حيدرآباد پاران ڇپائي پڌريون ڪيون. 1943ع ۾ ’آشا ساھت منڊل‘ طرفان سندس -ٽن- ڪھاڻين جو مجموعو ’آرسي‘ نالي سان ظاھر ٿيو، -ان- وچ ۾ سندس پنج ڪھاڻيون ’سنڌو‘ رسالي ۾ پڻ ڇپيون. 1932ع کان 1949ع تائين سندس لکيل 11 ڪھاڻيون ’ڳنوارڻ‘ عنوان سان، سنڌي ٽائيمس پبلڪيشن الھاس نگر (ڀارت) ڊسمبر 1978ع ۾ ڇپائي پڌريون ڪيون.
-آسانند مامتورا- ڪھاڻيڪار سان گڏ ھڪ ناول نگار به ھو. سندس پھريون آدرشي ناول ’شاعر‘، 1941ع ۾ ’آشا ساھت منڊل‘ ڇپائي پڌرو ڪيو، سندس ٻيو طبع زاد ناول ’حليما‘ سندس -جنم- ڀومي سنڌ جي مسلم زندگيءَ تي آڌاريل شاھڪار ناول آھي، جيڪو ڪونج پبليڪيشن بمبئيءَ 1977ع ۾ ڇپي پڌرو ڪيو. ھي ٻئي ناول سنڌ ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ چونڊ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران پڻ شايع ٿيا. آسانند مامتورا جي زندگيءَ جو گھڻو حصو ڪراچيءَ ۽ بعد ۾ بمبئيءَ جي اسڪول ۾ ھيڊ ماستريءَ ۾ گذريو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آسانند مامتورا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آسانند مامتورا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڪهاڻيڪار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اڪبر سومرو
امرلعل هنڱوراڻي
اختر ٽانوري
ايشور چندر
آسانند مامتورا
آغا رفيق
آگرو غلام رباني
الطاف قادري
انور جوکيو
تهمينه مفتي
تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي قابل
جمال ابڙو
جوکيو منظور


.....ڪهاڻيڪار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن