آسو رام آسو

آسو رام ’آسو ‘:صوفي آسو مل پٽ ڏاندو مل عرف صوفي آسو رام 1824ع ۾ جنم ورتو. هي پراڻن هالن جو رهاڪو هو. هن ننڍپڻ ۾ سيد فقير علي شاهه وٽ، جيڪو اکين کان وڏو هو، نبض شناسي ۽ حڪمت جي علم جي سکيا ورتي ۽ هن جي ئي صحبت ۾ آسو صوفي بڻيو. آسو رام کي جوانيءَ ۾ عشق جي چوٽ لڳي، پر مائٽن جلد ئي سندس شادي ڪرائي ڇڏي.
آسو رام کي سنڌي، فارسي ۽ ٻين ٻولين جي سٺي ڄاڻ هئي. هن حق جي تلاش ۾ ويهن ورهين جي عمر اندر قرآن مجيد ۽ انجيل جو مطالعو ڪيو، انهيءَ دوران هو پرائمري ماستر مقرر ٿيو. نارمل اسڪول حيدرآباد مان تربيت حاصل ڪري، نصرپور ۾ ماستر مقرر ٿيو، جتي هن کي مصري شاهه جهڙي عظيم هستيءَ جي صحبت نصيب ٿي، جنهن هن ۾ تصوف جو وڌيڪ چاهه پيدا ڪيو ۽ هن کي شاعريءَ جو شوق ڏياريائين. جلد آسورام اتان وري جهوڪ هليو ويو، جتي هن جي من جي مراد پوري ٿي.
صوفي آسورام ’آسو‘ گهڻو ڪلام چيو. محمد صديق ميمڻ ’تاريخ سنڌي ادب‘ ۾ لکي ٿو ته: ”سنڌ جي شاعرن ۾ ٻئي ڪنهن به شاعر جو ايترو ڪلام ڪتابي صورت ۾ موجود نه آهي، جيترو صوفي آسورام جو لکيل آهي“. سندس تصنيفن ۾: 1. ديوان آسو، 2. رساله آسو، 3. پريم غنچه شامل آهن. آسو رام ’ديوان آسو‘ 1897ع ۾ لکي پورو ڪيو، جيڪو کٽڻ مل، بڪ سيلر لاڙڪاڻي واري ڇپايو هو ۽ باقي ٻه ڪتاب شايع نه ٿي سگهيا. آسورام هڪ سچو صوفي هو، هن جي من ۾ مذهبي نفاق ۽ اوچ نيچ جو تصور ئي ڪو نه هو. هو حق جو طالب هو ۽ اها طلب سندس سموري ڪلام ۾ موجود آهي. هن جي ڪلام ۾ تصوف جو نظريو تمام گهڻو موجود آهي. هي پهريون هندو سنڌي غزل گو شاعر آهي، جيڪو تصوف ۾ ٻڏل آهي، هن جي غزلن ۾ مزاح آهي ئي ڪو نه، صرف تصوف آهي. هن ويدانيت ۽ تصوف جي خيالن کي ملائي هڪ ڪري پيش ڪيو آهي. آسو رام جي ڪم آندل ٻوليءَ بابت محمد صديق ميمڻ لکي ٿو ته: ”ٻوليءَ جي لحاظ کان آسو رام جي سموري ڪلام کي ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙو اهو ڪلام اٿس، جنهن ۾ يوگ وديا ۽ ويدانيت سان خاص تعلق رکندڙ اهڙا ڏکيا سنسڪرتي لفظ ڪم آندا اٿس، جن جي معنيٰ ڪو به مسلمان ته سمجهي ڪو نه سگهندو، پر سڀ ڪو هندو به ڪنهن ڪوشش يا ڊڪشنريءَ کانسواءِ سمجهي نه سگهندو. ان کانسواءِ تصوف سان تعلق رکندڙ ۽ ٻيا اهڙا ڏکيا عربي لفظ پڻ ڪم آندا اٿس، جن جي معنيٰ ڪو به هندو سمجهي ڪو نه سگهندو، پر سڀ ڪو مسلمان به لغت کانسواءِ پروڙي نه سگهندو“. هن صوفي صفت درويش 1897ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1824.00.00  عيسوي

صوفي آسو مل پٽ ڏاندو مل عرف صوفي آسو رام 1824ع ۾ جنم ورتو


1897.00.00  عيسوي

صوفي آسو رام 1897ع ڌاري وفات ڪئي



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد نبي بخش مڱڻهار
آچر گاڏي
جيمس آئوٽرام
زين العابدين شيخ
شيرين مزاري
جتوئي شير خان
توتان
اقبال جوڳي
رحيم بخش بدوي
ڌڻي بخش ميمڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون