داخلا نمبر 3047
عنوان آسورن جو دڙو
شاخ قديم آثار
پڙهيو ويو 444 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آسورن جو دڙو

آسورن جو دڙو: هي دڙو قبل از تاريخ/ سنڌو تهذيب سان تعلق رکي ٿو. بدين شھر کان ٥ ميل اتر- اولهه. ديهه پنو، تپو پنو، لڳ ڳوٺ حاجي لکاني ساريي وٽ واقع آهي. ھي ماڳ آسورن جي نالي پويان آھي، ھي اصلي دراوڙ ھئا ۽ آرين سان مھاڏو اٽڪايو ھئائون. رگويد ۾ ھنن لاءِ آرين برا لفظ ڪتب آندا آھن. ھي دڙو زمين کان چار فوٽ مٿي ۽ ايڪڙ کن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھن. ھي شھر ريڻ دريا جي ڪناري تي آباد ھو. مٿاڇري تان سرن جا اڌڙ، ٺڪراٺو، ٽامي جا ڪٽيل سڪا ۽ اڱر جھجھي تعداد ۾ مليا آھن. ھي بستي ڪلھوڙن جي ڏينھن ۾ ڦٽي. اڱرن جو گھڻو تعداد ٻڌائي ٿو ته ھن شھر کي باهه ڏنل آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو