داخلا نمبر 3048
عنوان آسوڪا جي ٽڪري
شاخ قديم آثار
پڙهيو ويو 440 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آسوڪا جي ٽڪري

آسوڪا جي ٽڪري: هي دڙو ٻڌ ڌرم واري دور سان تعلق رکي ٿو. ديهه تپو انڙپور، تعلقو ڪوٽڙي، ضلعو ڄام شورو. ھي دڙو انڙپور کان ھڪ ميل جي مفاصلي تي آھي. ھتي ماڻھو وڃڻ کان ڊڄن ٿا، ڇو جو مقامي ماڻھن روايتون قائم ڪري رکيون آھن ته ھتي جيڪو ويندو اھو مري ويندو. جيئن نالي مان ظاھر آھي ته ھي ٻڌ ڌرم جو ماڳ آھي. ھتي چوڌاري ٺڪراٺو پکڙيل آھي. ھن وقت ھتي قبرستان ٺھي چڪو آھي. ان ڪري دڙو ختم ٿيندو پيو وڃي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو