داخلا جي تاريخ 2012-03-18
داخلا نمبر 3051
عنوان آسي زميني
شاخ شاعر
پڙهيو ويو 933 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آسي زميني

آسي زميني

آسي زميني

آسي زميني: آسي زميني، سنڌي ٻوليءَ جو نمائنده شاعر آهي. هن جو اصل نالو محمود نظاماڻي ولد محمد رحيم نظاماڻي آهي. هيءُ ٽنڊي قيصر، ضلعي حيدرآباد ۾، 14 سيپٽمبر 1957ع ۾ ڄائو. انٽر پاس ڪيائين. هينئر اريگيشن کاتي ۾ اڪائونٽس ڪلارڪ آهي. کيس شهيد فاضل راهو (شاعري) اوارڊ، ڪينجهر (ايڊٽنگ) اوارڊ، اڏيرولال-شاعري اوارڊ ۽ بزم ٽکڙ اوارڊ ملي چڪا آهن. نظم ۽ نثر ٻنهي تي دسترس رکي ٿو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’مڃتا جي رُڃ ۾‘ (1992ع) ۽ ’ٻه شاعر ٻه ڪهاڻيڪار‘ (1992ع) ڇپيل آهن، ان کان سواءِ ’مسيحي گهراڻي جا بنياد‘، ليڊي هيلٿ وزيٽرس جو نصاب‘، ’حفاظتي ٽُڪا‘ وغيره ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپيل اٿس. ان کان سواءِ هن ڪيترن ڪتابن جا مهاڳ، ادبي مضمون ۽ تنقيدي مقالا لکيا آهن، جن جو ڪتاب پڻ ترتيب ڏئي چڪو آهي. چڪو آهي. شاعريءَ جي فن ۽ بحر وزن جو ماهر آهي. آسي نئين ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي. وٽس ٽنڊي قيصر ۾ ’دانشگاهه منصوريه آستاني‘ نالي سان هڪ لائبريري به آهي، جنهن ۾ هزارين ڪتاب مختلف موضوعن تي موجود آهن. آسي زميني ’ڪينجهر‘، ’امرتا‘، ’ادب‘، ’جياپو‘، ’آجپو‘ ۽ ’اُمنگ‘ رسالن جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر/ايڊيٽر رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ ثقافت کاتي سنڌ پاران شيخ اياز جي شاعريءَ جي پهرين ٽن جُلدن جي ايڊيٽنگ ۾ محترم تاج جويي سان سهڪاري رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.09.14  عيسوي

آسي زميني 14 سيپٽمبر 1957ع تي ٽنڊي قيصر ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باغي حليم
بائرن
آثم ناٿن شاهي
بچل
بخشڻ شاهه
بدر شاهه
بدر قريشي
ٻڍل فقير
ٻڍڙو فقير
ٻال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون