آسيو سوڍو

آسيو سوڍو: آسيو سوڍو، سوڍن جو سالار هو ، ڪتاب ”سومرن جو دور“ ۾ لکيل آهي ته پوئين دور ۾ ڳالهه جي شاعرن ۽ راوين غالبا آسي سوڍي“ کي پوءِ ”هاسي سوڍي“ جي نالي سان ڳايو، جيتوڻيڪ ٻي هڪ راويت ۾ ”هاسي سوڍي“ جو نالو آندل آهي ۽ ڄاڻايل آهي ته هاسو سوڍو عمرڪوٽ جو هو ۽ دودي جو يار هو. پوئين دور جي اڪثر روايتن ۾ هاسي سوڍي کي چنيسر جي پٽ محمد جو يار سڏيو ويو آهي. هڪ روايت موجب هالار ڪوٽ جو حاڪم هو ۽ سندس چاچو ”ٻاهڙ مير“ جو حڪمران هو. هاسي سوڍي جي نالي سان ميرپورخاص- کوکرا پار ريلوي لائين تي اسٽيشن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو