داخلا ؛ 3859
پڙهيو ويو ؛ 806
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-06-27


تصويرون


Australia.gif
آسٽريليا
آسٽريليا



ٽائيم لائين

1300.00.00-B.C
14 هين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان آسٽريليا جي اترئين ڪناري تي آباد ٿيڻ لڳا

1600.00.00-B.C
يورپي 17هين صدي عيسوي ۾ آيا

1700.00.00-B.C
ولنڊيزي 18 هين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا

1770.04.20-A.D
20 اپريل 1770ع تي ڪيپٽن جيمز ڪڪ برطانيا پاران اوڀرئين ڪناري تي قبضو ڪيو

1901.01.01-A.D
آسٽريليا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين جنوري 1901ع آهي




sindhianaسنڌيانا--آسٽريليا

ٽائيٽل ؛ آسٽريليا


شاخ : ملڪ

آسٽريليا (Australia ):هن ملڪ جو سرڪاري نالو فيڊريشن آف -آسٽريليا- (Federation of Australia) آهي. اهو لاطيني لفظ آسٽرالس (Australis) مان نڪتل آهي، جنهن جو مطلب آهي ”ڏاکڻي زمين“. هي ملڪ ڏکڻ اولهه پيسفڪ سمنڊ ۾ آهي، هن جي -اتر- ۾ تيمور ۽ آرا فورا سمنڊ، -اوڀر- ۾ ڪورل سمنڊ ۽ تسمان سمنڊ ۽ اولهه ۾ هندي سمنڊ آهي.

آسٽريليا زمين جي ڏکڻ پاسي واري اڌ ڀاڱي تي هڪ ڌار وڏو کنڊ ۽ هڪ وڏو ٻيٽ آهي. هي ايراضيءَ جي لحاظ کان دنيا جو ڇهون وڏو ملڪ آهي، جنهن جي ڪل پکيڙ 7692300 چورس ڪلوميٽر (2266150 چورس ميل) ۽ آبادي ٻن ڪروڙن کان مٿي آهي. گاديءَ جو هنڌ ڪينبرا (Canberra) ۽ سڀ کان مٿانهون هنڌ مائونٽ ڪاسڪيوسڪو (بلندي: 2230 ميٽر) آهي. -آسٽريليا- جي سرڪاري -ٻولي- -انگريزي- آهي، جڏهن ته هتي اٽالين ۽ يوناني پڻ ڳالهائجن ٿيون، موسم گرم ۽ خشڪ هوندي آهي. اندرين علائقن ۾ مينهن گهٽ پوندو آهي.

آسٽريليا جي مکيه زرعي پيداوار ڪڻڪ، جوئر، ڪمند، ڪپهه، ميوا ۽ ڀاڄيون آهن.هتان جي مکيه صنعتن ۾ فولاد، ايليومينم، گاڏيون، ڪپڙي جي اڻت، مشينري، سياحت، -ان- ۽ گوشت جي پيڪنگ آهي ۽ مکيه معدنيات، لوهه، ڪوئلو، باڪسائيٽ، ٽامو، سون، چاندي، قلعي، يورينيم، پيٽروليم، گيس، هيرا ۽ -جست- آهي.

آسٽريليا کي خوش بختيءَ جي زمين به چيو ويندو آهي. هتي سڀ کان اڳ جيڪي ماڻهو اچي -آباد- ٿيا، سي شايد تسمانين هئا، -جن- 40 هزار سال اڳ ڏکڻ -ايشيا- مان لڏپلاڻ ڪري تسمانيا (Tasmania) اچي وسايو، جيڪي -آسٽريليا- جا اصلوڪا رهواسي (aborigines) سڏيا ويندا آهن، جڏهن ته گوري نسل جا ماڻهو گهڻو ڪري انهن يورپي خاص ڪري -انگريز- ماڻهن جو اولاد آهن، -جن- کي قيدين جي صورت ۾ ٻيڙن ذريعي هن ڏورانهين کنڊ تي اڇلايو ويندو هو. 10هين صدي عيسويءَ ۾ پهريون مسلمان هتي واپار جي غرض سان آيو. 14هين صدي عيسويءَ ۾ مسلمان -آسٽريليا- جي اترئين ڪناري تي -آباد- ٿيڻ لڳا، جنهن تي عرب واپارين جو ڪنٽرول هو. يورپي 17هين صدي عيسوي ۾ آيا. ولنڊيزي 18 هين صدي عيسويءَ ۾ داخل ٿيا ۽ هن کي نيو هالينڊ جو نالو ڏنائون. 20 -اپريل- 1770ع تي ڪيپٽن جيمز ڪڪ -برطانيا- پاران اوڀرئين ڪناري تي قبضو ڪيو، -جتي- اصلوڪا قبيلا -آباد- هئا.

آسٽريليا هڪ فيڊريشن آهي، -جتي- آئيني بادشاهت ۽ برطانوي طرز جي پارلياماني -جمهوريت- آهي. راڻي ايلزبيٿ-II رياست جي هيڊ آف اسٽيٽ ۽ هٿياربند فوجن جي سپريم ڪمانڊر آهي.

آسٽريليا جي آزاديءَ جو ڏهاڙو پهرين -جنوري- 1901ع آهي ۽ کيس گڏيل قومن جي اداري جي ميمبرشپ پهرين نومبر 1945ع کان مليل آهي. 2010ع جي غير سرڪاري انگن اکرن موجب -آسٽريليا- جي آبادي 22,333,569 آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -آسٽريليا- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آسٽريليا - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ملڪ - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باگڙ ديس
بحرين
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
بيلجيم
بنگال
بنگلاديش
آرمينيا
آسٽريا
آسٽريليا
انڊونيشيا
آمريڪا
آئرلينڊ
اسپين
اتر ڪوريا
اٽلي
بازنطيني سلطنت
برازيل
برونئي
بوٽسوانا
ڀارت
تنزانيا
ترڪمانستان
ترڪي
ڀوٽان
تاجڪستان
تائيوان
ٽوگو
تيونس
تبت
ٿائي لينڊ
ٿٻيٽ
فارس
پاڪستان
جپان
جرمني
پاناما


.....ملڪ موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن