داخلا نمبر 3054
عنوان آشا درگاپوري
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 529 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آشا درگاپوري

آشا درگاپوري: بولچند تيرٿداس نارواڻيءَ جو ادبي نالو ’آشا درگاپوري‘ آھي، ھن 10 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي محمد خان، ضلعي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. ايم.اي تائين تعليم حاصل ڪيائين. قيام پاڪستان کان پوءِ ڀارت لڏي ويو، جتي 132- راجا پارڪ، سنڌي ڪالوني، فتح ٽيبا، جئپور ۾ رهائش اختيار ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ”لھرون“ (1962ع)، ”سنڌي ادبي گلدستو“ (1963ع) ۽ ”شاھ جي شاعري“ (1965ع) شامل آھن. آل انڊيا ريڊيو جي ادبي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.12.10  عيسوي

آشا درگاپوري 10 ڊسمبر 1928ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون