داخلا نمبر 3065
عنوان آصف جاه نواب
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 557 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

آصف جاه نواب

آصف جاه، نواب: سندس اصل نالو مرزا ابوالحسن، لقب آصف خان عرف آصف جاهه، سندس پيءُ جو نالو اعتماد الدوله غياث بيگ هو. آصف جاهه نورجهان بيگم جو وڏو ڀاءُ ۽ ارجمند بانو (شاهجهان جي بيگم ممتاز محل) جو پيءُ هو. هو سيوهڻ توڙي بکر جو نواب هو ۽ اهي سندس جاگير ۾ شامل هئا. هو 17 شعبان 1051هه ۾ وفات ڪري ويو ۽ لاهور ۾ دفن ٿيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو