آصف علي زرداري

آصف علي زرداري

آصف علي زرداري

صف علي زرداري: پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شھيد محترمه بينظير ڀُٽي جو گهر وارو آصف علي زرداري، نوابشاهه (هاڻي بينظيرآباد) ضلعي جي زميندار ۽ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي. آصف علي زرداريءَ جو اصل نالو سجاول خان آهي، جيڪو سندس پڙ ڏاڏي جو نالو هو. سندس والده بلقيس خانم، خانبھادر حسن علي آفنديءَ جي پوٽي هئي. آصف علي زرداري 26 جولاءِ 1955ع تي نوابشاهه لڳ ڳوٺ ميرخان زرداريءَ (بلاول جا قبا) ۾ ڄائو. هن ابتدائي تعليم مريم اسڪول نوابشاهه ۽ سينٽ پيٽرڪس اسڪول ڪراچي مان حاصل ڪئي. ان بعد پيٽاري ڪاليج مان 1974ع ۾ انٽر پاس ڪيائين، جنھن کان پوءِ لنڊن اسڪول آف اڪنامڪس اينڊ بزنس مان ڊپلوما ڪيائين. هن 1968ع ۾ هڪ اردو فلم ”منزل دور نھين“ ۾ چائيلڊ اسٽار طور اداڪاري به ڪئي. ماضيءَ ۾ گهوڙي سواريءَ جو شوقين رهيو آهي ۽ سندس پولو ٽيم ”زرداري فورس“ جي نالي سان سڃاتي ويندي هئي. 1980ع کان پوءِ هن سياسي سرگرمين ۾ حصو ورتو. 1987ع جو سال آصف زرداريءَ لاءِ سڀ کان وڌيڪ فيصلائتو سال ٿابت ٿيو، جڏهن سندس ويڳي ماءُ ٽمي بخاريءَ ۽ بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو سان آصف جو رشتو طئي ڪيو. 18 ڊسمبر 1987ع تي سندس شادي محترمه بينظير ڀُٽو سان ڪراچي ۾ ٿي. 1990ع ۾ بينظير صاحبه جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ڪيس داخل ڪري کيس جيل ۾ وڌو ويو. پھرئين دور ۾ ٻن سالن کان پوءِ کيس آزاد ڪيو ويو. 1993ع جي چونڊن ۾ هيءُ نوابشاهه مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ بلخ شير مزاريءَ جي نگران ڪابينا ۾ وزير رهيو. محترمه بينظير ڀٽو جي ملڪ جي وزيراعظم ٿيڻ واري ٻئي دور ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ ماحوليات ۽ سيڙپڪاريءَ جو وزير ٿيو. 6 نومبر 1996ع تي ان وقت جي صدر فاروق احمد خان لغاريءَ، بينظير ڀٽو جي حڪومت برطرف ڪئي ۽ آصف علي زرداريءَ کي هڪ دفعو وري جيل ۾ وڌو ويو. آصف علي زرداري لڳاتار 11 سال جيل ۾رهيو. 1997ع کان 1999ع تائين سينيٽ ۾ ميمبر ٿي رهيو. 1990ع کان 2004ع وارا 14 سال آصف زرداريءَ جي زندگيءَ جا وڌيڪ ڏکيا سال رهيا. 1996ع ۾ مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ سندس نالو شامل ڪيو ويو. نواز شريف جي ٻئي حڪومتي دور ۾ مٿس قتل، منشيات، اسمگلنگ سميت مختلف الزامن هيٺ ڪيترا ڪيس داخل ڪيا ويا. غلام اسحاق خان کان وٺي پرويز مشرف تائين آصف علي زرداريءَ جي خلاف ڪو به ڪيس ثابت نه ٿي سگهيو، بعد ۾ بينظير ڀٽو ۽ پرويز مشرف جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۽ مفاهمتي آرڊيننس (N.R.O) کان پوءِ مٿس عدالتي پڇاڻي ۾ نرمي آئي. 27 ڊسمبر 2007ع تي بينظير ڀٽو جي راولپنڊي لياقت باغ ۾ شھادت کان پوءِ آصف زرداري پيپلزپارٽيءَ جو شريڪ چيئرمئن چونڊيو ويو ۽ هن پارٽيءَ جون واڳون سنڀالي، فيبروري 2008ع جي چونڊن ۾ پاڪستان اندر وڏي ڪاميابي حاصل ڪري پيپلزپارٽيءَ کي پاڪستان جي نمبر ون پارٽي تسليم ڪرايو. هن وڏي ڏاهپ ۽ سياسي تدبر سان مفاهمتي پاليسيءَ تي عمل ڪري، سياست ۾ نواڻ آندي ۽ 6 سيپٽمبر 2008ع تي قومي اسيمبلي، سينيٽ ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ 700 ووٽن مان 481 ووٽن جي اڪثريت سان پاڪستان جو يارهون صدر چونڊيو ويو ۽ 2013ع تائين هن عھدي تي رهيو. هن صدر جي حيثيت ۾ اقتصادي ۽ سفارتي بحرانن کي منھن ڏئي ملڪ کي مستحڪم ڪيو. فيبروري 2024ع جي عام چونڊن ۾ (اين. اي 207، شھيد بينظير آباد I) جي تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ 10 مارچ 2024ع تي اڪثريتي راءِ سان هڪ ڀيرو ٻيھر ملڪ جي چوڏهين صدر طور حلف کنيو.


لفظ آصف علي زرداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.07.26  عيسوي

آصف علي زرداري 26 جولاءِ 1955ع تي نوابشاهه لڳ ڳوٺ ميرخان زرداريءَ ( بلاول جا قبا ) ۾ ڄائو .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اعجاز علي خان ٽالپر
اسماعيل راھو
ارباب غلام رحيم
امداد علي اعواڻ
اي ايم قريشي
آچاريه ڪرپالاڻي
بروهي جان محمد
اعجاز علي شاهه شيرازي
اسفند يار ولي
امداد علي پتافي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون