داخلا نمبر 3874
عنوان آصف فرخي ڊاڪٽر
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 566 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
ڊاڪٽر آصف فرخي

ڊاڪٽر آصف فرخي

آصف فرخي ڊاڪٽر

آصف فرخي، ڊاڪٽر: ناليواري اديب، ايڊيٽر، مترجم ۽ نقاد ڊاڪٽر آصف فرخي 1959ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو. سندس والد جونالو ڊاڪٽر اسلم فرخي آهي، جيڪو مشهور اديب، شاعر، محقق، ٻوليءَ جو ماهر ۽ براڊ ڪاسٽر آهي. آصـف فـرخــي سينٽ پيٽرڪس هاءِ اسڪول، ڪراچي مان ميٽرڪ، ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز، ڪراچيءَ مان ميڊيسن ۾ ۽ هارورڊ يونيورسٽي، آمريڪا مان پبلڪ هيلٿ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن. هن 1985ع کان 1994ع تائين آغا خان يونيورسٽيءَ جي پبلڪ هيلٿ شعبي ۾ پروفيسر جان. ايڇ بريانٽ جي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪيو آهي. هن جا افسانا ۽ تنقيدي مضمون وڏي تعداد ۾ شايع ٿيا آهن. هن ڪيترن ئي اهم سنڌي ڪتابن جو انگريزي ۽ اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. جنهن ۾ ناليواري سنڌي شاعره عطيه دائود جي شاعري به شامل آهي. ان جو هن انگريزيءَ ۾ “Raging To Be Free” جي نالي سان 1995ع ۾ ترجمو ڪيو. آصف فرخيءَ اردو ۽ ٻين ٻولين مان ڪيترين ڪهاڻين جو ترجمو: ”Fires In An Autumn Garden“ جي عنوان سان، شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو اردو ترجمو: ”دانش اياز“ جي عنوان سان (شاهه محمد پيرزادي سان گڏ)، شيخ اياز: شخصيت اور فن (ترتيب) ”ذڪر اياز“ (1999ع) جي عنوان سان ۽ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ جو انگريزي ترجمو (شاهه محمد پيرزادي سان گڏ) ”The Storm’s Call For Prayers“ (1999ع) جي عنوان سان ڪيو آهي. سندس محنتن تي کيس ”تمغهء امتياز“ ۽ ”وزير اعظم ادبي انعام“ به ملي چڪا آهن. هي انگريزي اخبار ”ڊان“ ۽ ٻين اخبارن ۾ ادبي مضمون به لکندو رهيو آهي. سندس چونڊ ڪيل ڪهاڻين جا ڇهه ۽ ادبي تنقيد جا 02 ڪتاب ڇپيل آهن. اردو ادبي رسالو ”دنيا زاد“ جاري ڪيو اٿس، جنهن جا ويهارو کن شمارا اچي چڪا آهن. ڊاڪٽر آصف فرخي ڪراچيءَ ۾ هڪ بين الاقوامي تنظيم جي پبلڪ هيلٿ شعبي سان لاڳاپيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.00.00  عيسوي

ڊاڪٽر آصف فرخي 1959ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون