داخلا نمبر 3088
عنوان آصف نواز جنجوعا
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 371 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آصف نواز جنجوعا

آصف نواز جنجوعا

آصف نواز جنجوعا

آصف نواز جنجوعا: پاڪستان جي اڳوڻي چيف آف آرمي اسٽاف، جنرل آصف نواز جنجوعا جو تعلق، پنجاب جي ضلعي جهلم جي هڪ فوجي گهراڻي سان هو. سندس والد فوج ۾ ڪرنل هو. ننڍي هوندي کان سندس تربيت مڪمل فوجي ضابطي سان ٿي. 1954ع ۾ کيس پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جنهن بعد کيس وڌيڪ تعليم لاءِ انگلنڊ موڪليو ويو، جتي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ ۽ گوهر ايوب به سندس هم ڪلاسي رهيا.
تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، پاڪستان آرميءَ جي پنجاب رجمينٽ سان وابسته ٿيو، ۽ ان ئي رجمينٽ ۾ اعليٰ عهدن تي فائز ٿيو. جڏهن هو ڪراچيءَ جو ڪور ڪمانڊر بڻيو ته ان وقت ڪراچي، لساني فسادن ۽ دهشتگرديءَ جو ڳڙهه بنجي چڪي هئي. انهن حالتن ۾ جنرل آصف جنجوعا ڪراچيءَ ۾ دهشتگرديءَ جي روڪڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو. 16 آگسٽ 1991ع تي، جنرل مرزا اسلم بيگ جي رٽائر ٿيڻ کان پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو ۽ 11 جنوري 1993ع تي، هڪ مبينه واقعي ۾ وفات ڪري ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1993.01.11  عيسوي

آصف نواز جنجوعا 11 جنوري 1993ع تي ، هڪ مبينه واقعي ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون