داخلا نمبر 4116
عنوان آصف هالائي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 652 ڀيرا
داخلا جو حوالو

آصف هالائي

آصف هالائي:جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو. هن مقامي سطح تي تعليم حاصل ڪئي. اسلامي تبليغ جي موضوع تي سندس لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل آهن. هيءُ اعليٰ درجي جو خط نويس ۽ شاعر به هو. انشا پردازي ۽ شاعريءَ ۾ سندس استاد حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ۽ مرحوم محمد هاشم مخلص هئا. جن وٽان شاعريءَ جا سخن وغيره سکيائين. سندس ڪلام تقريبن مذهبي موضوع تي چيل آهي. نعت گوئي ۽ حمديه نظم تي کيس ملڪو حاصل هو.
سندس ڪلام ۾ اصلاحي پهلو به نمايان ملي ٿو. هيءُ خلافت تحريڪ ۾ به متحرڪ رهيو ۽ سندس شعله بيان تقريرن کيس مشهوري ڏني. انجمن مولود النبي هالا ۾ به الحاج پير صاحب سائل هالائي جي سنگت ۾ڇهه سال سرگرم رهيو. سندس جواني جي زماني ۾ ”احوال احمدي“ ڪتاب شايع ٿيو، جيڪو حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت تي لکيائين. سندس اهو ڪتاب انجمن مولود النبي هالا پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس مقالن جو مجموعو به آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1898.08.14  عيسوي

آصف هالائي : جان محمد آصف هالائي ولد عبدالرؤف ابڙي 14 آگسٽ 1898ع تي جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون