آغا بدر الدين

آغا بدر الدين:نامور اديب ۽ تعليمي ماهر بدر الدين'>آغا بدر الدين ولد محمد عالم 15 سيپٽمبر 1972ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هي 1992ع ۾ بي. اي، 1994ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب)، 1996ع ۾ ايم. ايس. سي ۽ 1997ع ۾علامه اقبال يونيورسٽيءَ مان بي. ايڊ ڪرڻ کانپوءِ سائنس جو استاد مقرر ٿيو. پڙهائيءَ سان گڏوگڏ علمي ادبي خدمتون به جاري رکيائين. 1991ع ۾ ٽئين درجي لاءِ سماجي اڀياس (نصابي ڪتاب) لکيائين ۽ 1998ع ۾ مئٽرڪ لاءِ ڪيمسٽريءَ جو درسي ڪتاب لکيائين، جيڪي ٻئي ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪلاسن ۾ ڪورس طور پڙهايا وڃن ٿا. هن 1993ع ۾ وڪٽر پبلڪ اسڪول جيڪب آباد جي گولڊن جوبلي جو سووينيئر ترتيب ڏئي ڇپرايو. بدرالدين وڪٽر پبلڪ اسڪول ۾ وائيس پرنسپال رهيو ۽ 1999ع ۾ ڪيمبريج پبلڪ اسڪول ۾ پرنسپال رهيو. پاڻ 2000ع ۾ سائنس ڪاليج جيڪب آباد ۾ پرنسپل مقرر ٿيو، جتان ڪجهه عرصي بعد استعيفا ڏئي ڇڏيائين. بدر الدين اسڪائوٽنگ، فوٽو گرافي ۽ ڪليگرافي ۾ پڻ مهارت رکي ٿو، کيس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل ملي چڪا آهن. هن وقت جيڪب آباد ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ آغا بدر الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو