آغا بدر الدين گهنيو

آغا بدر الدين گهنيو: نامور اديب ۽ تعليمي ماهر بدر الدين'>آغا بدر الدين ولد محمد عالم گهنيو 15 سيپٽمبر 1972ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو. هن 1992ع ۾ بي. اي، 1994ع ۾ ايم. اي (سنڌي ادب)، 1996ع ۾ ايم. ايس. سي ۽ 1997ع ۾علامه اقبال يونيورسٽيءَ مان بي. ايڊ ڪرڻ کانپوءِ سائنس جو استاد مقرر ٿيو. پڙهائيءَ سان گڏوگڏ علمي، ادبي خدمتون به جاري رکيائين. 1991ع ۾ ٽئين درجي لاءِ سماجي اڀياس (نصابي ڪتاب) لکيائين ۽ 1998ع ۾ مئٽرڪ لاءِ ڪيمسٽريءَ جو درسي ڪتاب لکيائين، جيڪي ٻئي ڇپجي چڪا آهن ۽ ڪلاسن ۾ ڪورس طور پڙهايا وڃن ٿا. هن 1993ع ۾ وڪٽر پبلڪ اسڪول جيڪب آباد جي گولڊن جوبلي جو سووينيئر ترتيب ڏئي ڇپرايو. بدرالدين وڪٽر پبلڪ اسڪول ۾ وائيس پرنسپل رهيو ۽ 1999ع ۾ ڪيمريج پبلڪ اسڪول ۾ پرنسپل رهيو. پاڻ 2000ع ۾ سائنس ڪاليج جيڪب آباد ۾ پرنسپل مقرر ٿيو، جتان ڪجهه عرصي بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏيائين. بدر الدين اسڪائوٽنگ، فوٽو گرافي ۽ ڪليگرافي ۾ پڻ مهارت رکي ٿو، کيس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل ملي چڪا آهن. هن وقت جيڪب آباد ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1972.09.15  عيسوي

آغا بدر الدين گهنيو: نامور اديب ۽ تعليمي ماهر آغا بدر الدين ولد محمد عالم گهنيو 15 سيپٽمبر 1972ع تي جيڪب آباد ۾ ڄائو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چنيسر
بن سومار
شيرين عبادي
ڀاون سنگهه جي تلريجا
سنڌو راج
آگھمي ابو طالب
صالح بيگ مرزا ترخان اول
ديبلي احمد بن محمد
چانڊيو مير محمد خان
قاضي محمد بخش ڌامراھ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون