داخلا ؛ 3112
پڙهيو ويو ؛ 1174
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-19


تصويرون


badr-durani.jpg
آغا بدر الدين دراني
آغا بدر الدين دراني



ٽائيم لائين

1912.03.23-A.D
آغا بدرالدين 23 مارچ 1912ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو .

1965.01.26-A.D
آغا بدرالدين 26 جنوري 1965ع تي وفات ڪئي.




sindhianaسنڌيانا--آغا بدرالدين دراني

ٽائيٽل ؛ آغا بدرالدين دراني


شاخ : سياستدان

آغا بدرالدين دُراني: -آغا- بدرالدين ولد -آغا- شمس الدين دراني ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور جي دراني پٺاڻن مان مشهور سياستدان ۽ علم دوست -انسان- ٿي گذريو آهي. 23 مارچ 1912ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. مئٽرڪ ڪراچيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اعليٰ -تعليم- علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ورتائين. فارسي، سنڌي، -اردو- ۽ -انگريزي- ٻولين ۽ ادب تي عبور حاصل هئس. 1937ع ۾ -انڊيا- مسلم ليگ'>-آل -انڊيا- مسلم ليگ- ۾ شامل ٿيو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين انهيءَ سان لاڳاپيل رهيو. مسلم ليگ جو ضلعي صدر پڻ رهيو. -ان- کان سواءِ صوبائي اليڪشن ڪميشن جو ميمبر به رهيو. ڊسمبر 1946ع ۾ مسلم ليگ ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. چونڊن ۾ ڪانگريس جي اميدوار کي شڪست ڏئي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1947ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر چونڊيو ويو. 1953ع جي چونڊن ۾ ٻيهر ميمبر ٿيو ۽ کيس سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. سندس ذاتي ڪتب خانو ”آشيانه ادب“ نالي سان ناياب قلمي نسخن، نوادارات ۽ قيمتي ڪتابن سان ڀريل ضلعي توڙي سنڌ جو نادر ۽ وڏو ڪتبخانو شمار ٿئي ٿو. جنهن مان پير حسام الدين راشدي، اينمري شمل ۽ ٻين وڏن عالمن استفادو حاصل ڪيو آهي. هن 1937ع ۾ هفتيوار -اخبار- ”پيغام صلح“ -جاري- ڪئي. -آغا- صاحب سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر رهي چڪو آهي. حج جي سعادت به حاصل ڪئي اٿس. هن حاجين جي رهنمائيءَ لاءِ ”مسافر حجاز“، ڪتاب لکيو، -ان- کان سواءِ هن جي ٻين ڪتابن ۾ ”ڪامرسِ -ان- پاڪستان“، ۽ ”سنڌ ۽ هتي جا ماڻهو“ مشهور آهن. -آغا- صاحب 26 -جنوري- 1965ع تي وفات ڪئي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آغا بدرالدين دراني- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آغا بدرالدين دراني - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياستدان - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
اعجاز علي شاهه شيرازي
اعزاز نظير ڊاڪٽر ڪامريڊ
اڪرام الله ڌاريجو
الاهي بخش پير
الاهي بخش سومرو
الطاف حسين
برڪت علي آزاد ڪامريڊ
الهه بخش سومرو شهيد
بروهي جان محمد
آچاريه ڪرپالاڻي
ابڙو تاج محمد
امام علي نازش ڪامريڊ
امجد شاهه جيلاني
امداد علي اعواڻ
امداد علي پتافي
بشير احمد خان لغاري
آدم خان رند
امير بخش ڀٽو
امير حيدر ڪاظمي
امير علي شاهه پير
امين فهيم مخدوم
احمد علي خان جلباڻي
احمد علي مجذوب
بشير خان قريشي
اختر حسين جدون
بقادار شاهه سيد
اختر علي جي قاضي
اختر مينگل
آڏواڻي لال ڪرشن
اندرا گانڌي
آرائين طارق مسعود
انڙ غلام رسول
آريسر عبدالواحد
بگٽي، اڪبر خان
ارباب ذڪاءُ الله
ارباب ذوالفقار علي
ارباب غلام رحيم
ارباب وزير احمد
انور احمد خان مهر
ايشور داس
اياز سومرو
اياز لطيف پليجو
اي ايم قريشي
بلاول ڀٽو زرداري
ايوب کهڙو
آصف بالادي
آصف علي زرداري
آنند هنڱوراڻي
آغا بدرالدين دراني
آغا تيمور خان پٺاڻ
بينظير ڀٽو شهيد
آغا سراج خان دراني
آغا شاھي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
آفتاب شاهه جيلاني
آفتاب شعبان ميراڻي
آفتاب شيرپائو
بلوچ ناصر
بلوچ نصرالله ڊاڪٽر
بنده علي خـان ٽالپر
بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي
بهادر خان ڏاهري
آغا شمشاد مغل
انڍڙ عبدالقادر
انڙ حاجي غلام حسين
اوباما بارڪ
بن بلا/بن باالله
بال ٺاڪري
احمد ميان سومرو
ارباب انور
ارباب تاج محمد
الهبچايو ٽالپر
اميد علي شاهه رضوي ( سياستدان )
انڙ علي نواز
ڀاشاني عبدالحميد خان
ڀٽو غنويٰ
ڀٽو ممتاز علي
ڀٽو ذوالفقار علي شهيد
ڀٽو سَر شاهنواز خان
ڀٽو مير مرتضيٰ
ڀٽي قمر
ڀرٽ عبدالحق
ڀرڳڙي زاهد علي
ڀرڳڙي غلام مصطفيٰ خان
ڀرڳڙي ميان غلام محمد خان
ٽالپر الحاج مير علي احمد خان
ڀوتاڻي محمد اسلم
توقير فاطمه ڀٽو
تاج حيدر
ٿهيم عبدالسلام


.....سياستدان موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن