آغا جان محمد خان

آغا جان محمد خان: ( ميجر ) آغا عطامحمد خان جو والد آغا جان محمد خان ، سلطان ڪوٽ جي دراني پٺاڻ زميندارن مان هو . هي 1920ع کان 1937ع تائين بمبئي ڪائونسل جو ميمبر رهيو . سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ بعد سنڌ ائوائيزري ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو . آغا جان محمد خان پراڻي وضع قطع جو بزرگ هو . هن 1938ع ۾ وفات ڪئي .


لفظ آغا جان محمد خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو