آغا حسن عابدي

آغا حسن عابدي

آغا حسن عابدي

آغا حسن عابدي: آغا حسن عابدي،14 مئي 1922ع ۾ لکنئو (ڀارت) ۾ ڄائو. انگريزي ادب ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ قانون جي ڊگري پڻ ورتائين. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ، بئنڪاريءَ جو پيشو اختيار ڪيائين. 1946ع ۾ حبيب بئنڪ سان مُنسلڪ ٿيو. ٻارهن سالن جي ملازمت دوران گهڻن ئي انتظامي عهدن تي خدمتون سرانجام ڏنائين. 1959ع ۾، پاڪستان ۾ يونائيٽيڊ بئنڪ (U.B.L) قائم ڪيائين. سندس صدارت ۾، ڏسندي ڏسندي، يونائيٽيڊ بئنڪ پاڪستان جي ٻيو نمبر وڏي ڪمرشل بئنڪ بڻجي وئي. جڏهن پاڪستان ۾، بئنڪن کي سرڪاري ملڪيت ۾ ورتو ويو ته پاڻ، خود ئي يونائيٽيڊ بئنڪ مان رٽائر ڪيائين. بعد ۾ هڪ وڏي انٽرنئشنل بئنڪ، ”بئنڪ آف ڪريڊٽ ائنڊ ڪامرس انٽرنئشنل“ (B.C.C.I) جو بنياد وڌائين. اها بئنڪ هن خاص طور تي واپاري مقصدن لاءِ قائم ڪئي هئي، پر بعد ۾ آغا صاحب انهيءَ بئنڪ کي ٽينءَ دنيا جي ملڪن جي گڏيل ڀلائيءَ جو هڪ ادارو بڻائي ڇڏيو. هن خانگي طرح بيشمار خاندانن جي علاج معالجي، اديبن جي مدد ۽ ٻارن جي ڀلائيءَ لاءِ وڏو ڪم ڪيو. اجتماعي سطح تي آغا صاحب ڪراچي سنڌ ۾ ڪيترائي سماجي ۽ فلاحي ادارا ۽ فائونڊيشن قائم ڪيا، جن جو مقصد ماحولياتي تحفظ، غربت ۽ بک جو خاتمو هو. غا صاحب، ٽين دنيا ۾ بهترين خدمتون سرانجام ڏيڻ تي هڪ لک ڊالرن جو ’ٿرڊ ورلڊ پرائيز‘ قائم ڪيو ۽ حڪومت پاڪستان کي ملڪي مسئلن ۽ اقتصادي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ، وڏا وڏا قرض ڏنا. هن ’ٿرڊ ورلڊ فائونڊيشن‘ قائم ڪري، هڪ تحقيقي رسالو ”سائوٿ“ جاري ڪيو، ۽ ڪتابن جي ڇپائيءَ جو اهتمام ڪيو. 1989ع ڌاري، مختلف سببن ڪري. بي. سي. سي. آءِ ڪمزور ٿي وئي، جنهنڪري آغا صاحب جي دل تي گهرو اثر ٿيو.آغا حسن عابدي 6 آگسٽ 1995ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.


لفظ آغا حسن عابديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1922.05.14  عيسوي

آغا حسن عابدي،14 مئي 1922ع ۾ لکنئو (ڀارت) ۾ ڄائو.


1995.08.06  عيسوي

آغا حسن عابدي6 آگسٽ 1995ع تي ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيخ عبدالمجيد سنڌي
گدا حسين سمو
چنا صاحب خان
ائٽڪن اِي ايڇ
حفيظ قريشي2
ٻگهيو عزيز الرحمان ڊاڪٽر
نرنجن دوداڻي ڊاڪٽر
چانڊيو امام بخش اول
اڪرم مڱڻهار
عارف سنائي مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون