آغا حشر ڪاشميري

آغا حشر ڪاشميري

آغا حشر ڪاشميري

آغا حشر ڪاشميري: مشھور شاعر، اديب ۽ ڊراما نويس حشر ڪاشميري'>آغا حشر ڪاشميري، پھرين سيپٽمبر 1879ع تي، امرتسر (ڀارت) ۾ ڄائو. سندس پيءُ آغا سيد غني شاهه 1868ع ۾ پنھنجي وڏي ڀاءُ سان گڏ، شالن جي ڪاروبار جي سلسلي ۾، سرينگر مان بنارس آيو ۽ پوءِ امرتسر ۾ ئي مستقل رهائش اختيار ڪئي. سندس اصل نالو آغا محمد شاهه هو. اردو، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم پنھنجي والد کان حاصل ڪئي. بعد ۾ بنارس جي راج نارائڻ هاءِ اسڪول ۾ انگريزي پڙهيو، ان ئي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران کيس شعر و شاعريءَ سان دلچسپي ٿي ۽ ”حشر“ تخلص رکي، مقامي مشاعرن ۾ حصو وٺندو رهيو. 1897ع ۾ بمبئيءَ جي مشھور پارسي ”ٿئيٽريڪل ڪمپني“، بنارس ۾ آئي ۽ آغا حشر ان ڪمپنيءَ جا ڊراما ڏٺا ته کيس به لکڻ جو شوق ٿيو. منشي احسن لکنوي، انهيءَ ڪمپنيءَ جو ڊرامه نگار هو، آغا صاحب ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس همت افزائيءَ سان ئي هن پھريون ڊرامو ’آفتاب محبت‘ 1897ع ۾ لکيو، جيڪو اسٽيج نه ٿي سگهيو، پر شايع ٿيو. ڪجهه وقت کان پوءِ آغا حشر بمبئيءَ هليو ويو، ۽ اتي ’الفريد ناٽڪ ڪمپنيءَ‘ ۾ ڊراما نويس طور ڪم ڪيو. هن ڪمپنيءَ ۾ سندس پھريون ڊرامو ”مريد شڪ“ هو، جيڪو شيڪسپيئر جي ڊرامي ’دي ونٽرس ٽيل‘ (The Winter’s Tail) جو آزاد ترجمو هو. هي ڊرامو، تمام گهڻو ڪامياب ويو، جنھن کان پوءِ مسلسل ڊراما لکندي هو اردو ٻوليءَ جو شيڪسپيئر سڏجڻ لڳو. 1910ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ ’انڊين شيڪسپيئر ڪمپنيءَ‘ جي نالي سان پنھنجي ذاتي ڪمپني قائم ڪئي، پر اها ڪامياب نه ٿي سگهي. ان کان پوءِ دهلي ۽ ڪلڪتي ۾ ’ميڊن ٿئيٽر‘ سان لاڳاپيل رهيو. ميڊن ٿئيٽر جي ملازمت ترڪ ڪرڻ کان پوءِ 1935ع ڌاري فلمي دنيا ۾ قدم رکندي، لاهور آيو. آغا حشر هڪ سٺو شاعر به هو، سندس نظم بي انتھا مقبول ٿيا. ”ڪليات آغا حشر“ ۾ سندس سڄي شاعري شامل آهي. مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ حسن نظاميءَ جي سياسي محاذن ۾ ساڻن گڏ رهيو. هن جي ڊرامن جو اثر سنڌي زبان جي ڪيترن ڊراما نگارن ورتو. ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ نه رڳو آغا حشر جا اردو ڊراما اسٽيج ٿيا، پر سندس ڊرامن جا سنڌيءَ ۾ ترجما به ٿيا. سنڌ جي ڊرئميٽڪ سوسائٽين پڻ آغا حشر جو ڪافي اثر قبول ڪيو. پھرين اپريل 1935ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.


لفظ آغا حشر ڪاشميريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1879.09.00  عيسوي

آغا حشر ڪاشميري ، پهرين سيپٽمبر 1879ع تي ، امرتسر ( ڀارت ) ۾ ڄائو .


1935.04.01  عيسوي

آغا حشر ڪاشميري پھرين اپريل 1935ع تي لاهور ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بولچند راجپال
سيد عبدالرحيم موسوي
ثابت بن ضحاڪ
ڀوڄواڻي
ساره انصاري ڊاڪٽر
تاج محمد رضائي
سمڀا بن ڪرشنا
ڏگوغريب الله
آڏواڻي پارپتي رام ڪرشن
شيدي محمد بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون