اسماعيلي فرقي جو ڇائيتاليهون امام آغا شاهه حسن علي

اسماعيلي فرقي جو ڇائيتاليهون امام آغا شاهه حسن علي

اسماعيلي فرقي جو ستيتاليهون امام آغاعلي شاهه

اسماعيلي فرقي جو ستيتاليهون امام آغاعلي شاهه

اسماعيلي فرقي جو اٺيتاليهون امام سلطان محمد شاهه

اسماعيلي فرقي جو اٺيتاليهون امام سلطان محمد شاهه

اسماعيلي فرقي جو اڻونجاهون امام شهزادو ڪريم آغا خان

اسماعيلي فرقي جو اڻونجاهون امام شهزادو ڪريم آغا خان

آغا خان

آغا خان: اسماعيلي فرقي جي امامن جو اعزازي لقب آھي، جيڪو سڀ کان پھرين اوڻيھين صديءَ ۾ آغا شاھ حسن عليءَ کي ايران جي شھنشاھ، فتح علي شاھ قاچار کان مليو، جنھن جو ھيءُ ناٺي ھو. ھن امامت واري سلسلي ۾ ھيستائين چار آغا خان ٿي چڪا آھن. آغا خاني اسماعيل فرقي جو سنڌ سان وڏو واسطو رهيو آهي ۽ سندس معتقدن ۽ پوئلڳن جو وڏو تعداد سنڌ ۾ رهي ٿو. جن جو مختصر احوال ھيٺ ڏجي ٿو: آغا خان پھريون: اسماعيلي فرقي جو ڇائيتاليهون امام آغا شاھ حسن علي، 1800ع ڌاري ايران ۾ ڄائو. ھو ايران جي قاچاري خاندان جي بادشاھ فتح علي شاھ جو نياڻو ھو. پھرين سندس والد ۽ پوءِ ھو پاڻ ”ڪرمان“ صوبي جو گورنر ٿيا. محمد علي شاھ قاچار جي حڪومت ۾ 1838ع ۾ بادشاھ جي مخالفت سبب کيس ايران مان جلاوطن ڪيو ويو، تنھنڪري بلوچستان جي رستي سنڌ ۾ پھتو ۽ ”جھرڪن“ جي شھر ۾ اچي رھيو، جتي آغا خان جو ”محلات“ اڄ به موجود آھي. ايران حڪومت جي احتجاج سبب حيدرآباد جي ٽالپر حاڪمن سندس گرفتاريءَ لاءِ پنهنجي فوج موڪلي ۽ جھرڪن ۾ لڙائي لڳي. ڪجهه وقت لاءِ سنڌ ڇڏي بمبئيءَ ھليو ويو ۽ اتي ئي رھائش اختيار ڪيائين، جتي سندس رھائش جو ھنڌ ’حسن آباد‘ جي نالي سان اڄ به مشھور آھي. فيبروري- 18 اتي ئي اپريل 1881ع ۾ وفات ڪيائين. آغا خان ٻيو: آغا علي شاھ ، اسماعيلي فرقي جو ستيتاليهون امام ھو. ھيءُ پيءُ سان گڏ پھرين سنڌ آيو ۽ پوءِ بمبئيءَ ھليو ويو. پنھنجي وقت جي فارسي ۽ عربيءَ جي ناليوارن استادن کان تعليم حاصل ڪيائين. قرآن شريف جو گھرو مطالعو ھئس. کيس عربي، فارسي ۽ فرانسيسي ٻولين تي عبور حاصل ھو. گھوڙي سواريءَ جو تمام گھڻو شوقين ھو. ھن بمبئيءَ ۾ ’محمدن نئشنل ائسوسيئيشن‘ قائم ڪئي. سندس غير معمولي خدمتن جي اعتراف طور بمبئيءَ جي بلديه ۾ بلدياتي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. ھن ٽي شاديون ڪيون. پھرين ٻن گھروارين جي وفات کان پوءِ ايراني درٻار جي ناليواري شخصيت نظام الدولھ جي ڀائٽيءَ نواب عاليه شمس الملڪ سان شادي ڪيائين، جنھن جي ڪُکِ مان آغا خان ٽيون پيدا ٿيو. ھيءُ شڪار جو شوقين ھو. سنڌ ۾ لاڙ واري حصي ۾ ڪيترن ئي سادات خاندانن سان دوستيءَ جا ناتا ڳنڍيائين. جھمپير جي ويجھو، امير پير جي درگاھ وٽ سندس محلات اڏيل آھي. 1885ع ۾ وفات ڪيائين. آغا خان ٽيون: ھز رائل ھائينس سر سلطان محمد شاھ اسماعيلي فرقي جو اٺيتاليهون موروثي امام ھو. 2 نومبر 1877ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ’ٽيڪريءَ‘ واري آغا خان محل ۾ سندس ولادت ٿي. سندس پوئلڳ پاڪستان، ايران، افغانستان، ڀارت، اوڀر آفريڪا، وچ ايشيا، برطانيه، آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پکڙيل آھن. سر آغا خان ھميشه ھندستان جي مسلمانن جي معاملن ۾ گھري دلچسپي وٺندو رھيو. پاڻ 1906ع ۾ وائسراءِ سان ملڻ لاءِ ويل مسلمانن جي وفد ۾ به شامل ھو. ڪل ھند مسلم ليگ جو باني ۽ پھريون صدر ھو. 1910ع ۾ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙھ جي تحريڪ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ سرگرم ڪوششون ڪيائين. 1930ع ۽ 1931ع ۾ لنڊن گول ميز ڪانفرنس جي ٻن اجلاسن ۾ برطانوي ھند جي وفد جو اڳواڻ ھو. 1932ع ۽ جينيوا ۾ ٿيندڙ ھٿيار گھٽائڻ واري ڪانفرنس (تخفيف اسلحه ڪانفرنس) ۽ 1932ع، 1934ع ۽ 1937ع ۾ ليگ آف نيشنز ۾ ھندستان جي نمائندگي ڪيائين. سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪرائڻ ۾ سندس وڏو ڪردار ھو. گھوڙن جي ريس سان خاص دلچسپي ھيس. ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ پئسا خرچ ڪندو رھندو ھو. پنھنجن پوئلڳن کي به تعميري ڪمن جو شوق ڏياريائين. شروع کان ئي يورپ ۾ رھائش اختيار ڪئي ھئائين. سر سلطان محمد شاھ آغا خان، 11 جولاءِ 1957ع ۾ وفات ڪئي. وفات کان پوءِ کيس سندس وصيت موجب ’اسوان‘ بند جي ويجھو مصر ۾ دفن ڪيو ويو ۽ سندس وصيت مطابق شھزادو ڪريم (آغا خان چوٿون) سندس جاءِ نشين ٿيو، جيڪو سندس پوٽو آھي. آغا خان ٽئين کي ٻه فرزند ٿيا: علي خان ۽ صدرالدين. آغا خان ٽئين جي آتم ڪٿا جو ”سنڌي ترجمو“ مشهور ڪتابن ۾ شمار ٿئي ٿو. آغا خان چوٿون: اسماعيلي فرقي جو اڻونجاھون امام، شھزادو ڪريم آغا خان، آغا خان ٽئين جو پوٽو ۽ شھزادي علي خان جو فرزند آھي. 13 ڊسمبر 1936ع ۾ جينيوا (سوئٽزرلئنڊ) ۾ تولد ٿيو. ابتدائي تعليم گھر ۾ ئي حاصل ڪيائين. اعليٰ تعليم سوئٽزرلئنڊ ۽ آمريڪا جي ھارورڊ يونيورسٽيءَ مان ورتائين. 11 جولاءِ 1957ع تي پنھنجي ڏاڏي جي وفات کان پوءِ اسماعيلي فرقي جي اوڻونجاھين امام طور، گادي نشين ٿيو. کيس انگريزي، فرانسيسي، اردو، فارسي، اطالوي ۽ ھسپانوي ٻولين تي عبور حاصل آھي. تاريخ جو گھرو مطالعو اٿس. فوٽبال، ٽينس، ٻيڙي ھلائڻ ۽ اسڪيٽنگ سندس پسند جون رانديون آھن. ڏاڏي جي روايتن کي زنده رکندي، بيروت يونيورسٽيءَ ۾ اسلاميات جي چيئر، ڪراچيءَ ۾ آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ 670 بسترن واري اسپتال، تھران ۾ ھاسٽل، نئروبيءَ ۾ اسپتال ۽ سوئٽرزرلئنڊ ۽ فلپائن ۾ اسلامي تحقيقاتي مرڪز قائم ڪيائين. پاڪستان سان خاص محبت اٿس. 1969ع ۾ انگريز خاتون سان شادي ڪيائين ۽ سندس اسلامي نالو سليمه رکيائين، جنھن جي ڪُکِ مان ٽي ٻار اٿس: شھزادي زھره، شھزادو رحيم ۽ شھزادو حسين. سندس سماجي ڪم دنيا ۾ مشھور آھن، جن ۾ AKRSP ھڪ مثالي ادارو آھي. بيگم سليمه کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ ھڪ جرمن خاتون سان شادي ڪيائين. انھيءَ بيگم جو نالو انارع آھي. ٻيءَ بيگم مان ھڪ شھزادو اٿس، جنھن جو نالو شھزادو علي محمد آھي.


لفظ آغا خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو