آغا خان فائونڊيشن

آغا خان فائونڊيشن: خان فائونڊيشن'>آغا خان فائونڊيشن ، ھز ھائينيس پرنس ڪريم آغا خان قائم ڪئي . فائونڊيشن جو بنيادي مقصد ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن جي سماجي حالتن کي سڌارڻ آھي ۽ خاص طور تي صحت ، تعليم ۽ ڳوٺاڻي آباديءَ جي ترقيءَ وارن پروگرامن لاءِ امداد ڏئي انهن کي بھتر ڪرڻ آھي .
خان فائونڊيشن'>آغا خان فائونڊيشن سوئٽزرلئنڊ ۾ رجسٽرڊ ٿيل آھي ۽ ان جي ھيڊ آفيس جينيوا ۾ آھي . فائونڊيشن جون شاخون ، پاڪستان ، ڪينيا ، ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ آھن ۽ ان جون مددي شاخون برطانيا ، ڪئناڊا ۽ آمريڪا ۾ آھن . فائونڊيشن ھڪ غيرسرڪاري ادارو آھي ، پر انھيءَ جا مقصد ۽ پاليسيون سڀني لاءِ ساڳيون آھن ، اھي پاليسيون فائونڊيشن جي بورڊ جا ڊائريڪٽر جوڙيندا آھن ، جن جو چيئرمئن پرنس ڪريم آغا خان پاڻ آھي .
فائونڊيشن جي ادارن جو سرشتو چئن کنڊن تائين پکڙيل آھي ۽ ان سان ويجھي لھه وچڙ جي ڪري ٽينءَ دنيا جي مسئلن جي نشاندھي ٿئي ٿي ۽ اھا به خبر پوي ٿي ته ڪھڙن ملڪن ۾ انھن مسئلن جي حل لاءِ وسيلا موجود آھن .
آغا خان فائونڊيشن جا پروگرام ھيٺين ٽن وڏن شعبن تي مشتمل آھن: ( 1 ) صحت ، ( 2 ) تعليم ، ۽ ( 3 ) ڳوٺ سڌار پروگرام .
صحت: پاڪستان ۾ صحت جون سھولتون تمام گھٽ آھن ۽ پاڪستان ۾ صحت جا مسئلا به ٽينءَ دنيا جي ٻين ملڪن جھڙا آھن . سلھه ، ڊائريا يا غذا جي کوٽ ۽ وچڙندڙ بيمارين جا مسئلا پاڪستان جي لڳ ڀڳ سڀني علائقن ۾ آھن . خان فائونڊيشن'>آغا خان فائونڊيشن انھن مسئلن تي ويچاريو ۽ انھن جي حل ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنھن جي نتيجي ۾ ثابت ٿيو ته انھن بيمارين کي ٿيڻ کان روڪي سگھجي ٿو . اھڙو اظھار 1983ع ۾ ورلـڊ بئنڪ پاڪستان جي ھيلٿ سيڪٽر رپورٽ ۾ ڪيو ويو آھي .
تعليم: پاڪستان ۾ تعليم جا به انيڪ مسئلا آھن . اسڪولن لاءِ عمارتون ڪونھن ۽ جيڪي آھن ، انھن ۾ به اھي سھولتون موجود نه آھن ، جيڪي بھتر تعليمي ماحول لاءِ ضروري ھونديون آھن . سکيا ورتل استادن جي به کوٽ آھي . انھن مسئلن کي منھن ڏيڻ ۽ تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ خان فائونڊيشن'>آغا خان فائونڊيشن پاڪستان جي اترين ۽ ڏاکڻين علائقن ۾ ڪن پروگرامن جي چونڊ ڪئي آھي . انھن پروگرامن ھيٺ استادن کي پڙھائيءَ جا جديد طريقا سيکارڻ ۽ اسڪولي عمارتن ۾ ’پنھنجي مدد پاڻ ‘ جي اصولن ھيٺ سڌارو ۽ واڌارو آڻڻ آھي . ان ڏس ۾ فائونڊيشن ھيٺين ٽن پروگرامن جي چونڊ ڪئي آھي:
( 1 ) استادن لاءِ معلوماتي مرڪز ، ( 2 ) استاد جي پنھنجي اسڪول ۾ سڌاري لاءِ پروگرام ، ( 3 ) ’پنھنجي مدد پاڻ ڪريو ‘ جي بنياد تي اسڪولن لاءِ عمارتون جوڙائڻ جو پروگرام .
ڳوٺ سڌار پروگرام: 1982ع ۾ خان فائونڊيشن'>آغا خان فائونڊيشن ھڪ ڳوٺ سڌار پروگرام شروع ڪيو . ’پنھنجي مدد پاڻ ڪريو ‘ جي اصول تحت ، فائونڊيشن جو عملو ڳوٺاڻن سان خيالن جي ڏي وٺ ڪري ، اھڙين رٿائن جي نشاندھي ڪندو آھي ، جن کي ڳوٺاڻا پاڻ ھلائي سگھن . ان ڏس ۾ ھنري ۽ مالي مدد فائونڊيشن فراھم ڪندي آھي . انھن پروگرامن کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ فائونڊيشن ٻه وڏا ترقياتي پروگرام شروع ڪيا آھن: ( 1 ) ڳوٺاڻن علائقن لاءِ امداد جو پروگرام ، ( 2 ) رھائشي حالتن جي ترقيءَ جو پروگرام .
پاڪستان ۾ فائونڊيشن جي پھرين شاخ 1969ع ۾ قائم ڪئي وئي ھئي . ان کان پوءِ پاڪستان ۾ پروگرامن جو تعداد تيزيءَ سان وڌندو رھيو آھي . 1979ع ۾ ڪل پنج پروگرام ھئا ۽ 1989ع ۾ انھن پروگرامن جو تعداد 16 ٿي ويو ۽ 1990ع تائين 19 پروگرامن جي بجيٽ تيار ڪئي وئي ، جيڪا ڏھن لکن ڊالرن کان وڌي ٻه ڪروڙ چوڏھن لک ڊالرن تائين وڃي پهتي .


لفظ آغا خان فائونڊيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو