داخلا جي تاريخ 2012-03-20
داخلا نمبر 3186
عنوان آغا رفيق
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 550 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آغا رفيق

آغا رفيق

آغا رفيق

آغا رفيق: آغا رفيق احمد 2 نومبر 1949ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. ايم. اي صحافت (Journalism) ۾ ڪيل اٿس. هو ماس ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين رهي چڪو آهي ۽ هن وقت هو رٽائر آهي. هو سٺو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ ڪالم نگار آهي. سندس ڪالم مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن ۽ سندس ڪالمن کي وڏي پذيرائي حاصل رهي آهي. هن جون لکيل ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ سٺو مقام رکن ٿيون. هن جا ڪيترائي ٽي وي ڊراما ۽ سيريل رليز ٿيل آهن ۽ هو ٽي وي ڊرامن جو پسنديده ليکڪ آهي. هن وقت ڄامشورو ۾ رهندڙ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.11.02  عيسوي

آغا رفيق احمد 2 نومبر 1949ع تي شڪارپور ۾ پيدا ٿيو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون