داخلا نمبر 3197
عنوان آغا سراج خان دراني
شاخ سياستدان
پڙهيو ويو 741 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)
آغا سراج خان دراني

آغا سراج خان دراني

آغا سراج خان دراني

آغا سراج خان دراني: آغا سراج خان دراني سنڌ جي ڄاتل سڃاتل سياسي گهراڻي جو فرد آهي. هن آغا صدر الدين درانيءَ جي گهر ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ 1955ع ۾ جنم ورتو. هن سينٽ پيٽرڪ هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان 1971ع ۾ مئٽرڪ ڪئي. 1975ع ۾ بي.ڪام ۽ 1977ع ۾ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل ايل بي پاس ڪئي. هن لنڊن مان بار ايٽ لا ڪرڻ جو سوچيو، پر اهو شوق ملتوي ڪيائين. آمريڪا جي ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ هڪ سال ايم.بي اي پڙهيو، پر بعد ۾ ٽيڪساس يونيورسٽيءَ ۾ PPP جو آرگنائيزر رهيو. PPP جي پليٽ فارم تان 1988ع ۾ صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. 1990ع ۾ ڄام صادق جي دور ۾ جيل ۾ رهيو. جيل دوران هو صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ PPP جي حڪومت ۾ ٽائون پلاننگ جو وزير مقرر ٿيو. 1993ع ۾ تعليم کاتي جو صوبائي وزير ٿيو. 2002ع جي عام چونڊن ۾ شڪست کاڌائين، پر 2008ع ۾ PPP جي پليٽ فارم تان صوبائي چونڊن ۾ کَٽيو ۽ حڪومت سنڌ ۾ بلديات جو صوبائي وزير آهي. آغا سراج صاحب شهيد بينظير ڀٽو توڙي آصف زرداريءَ جو سيڪيورٽي انچارج پڻ رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.00.00  عيسوي

آغا سراج خان دراني شڪارپور ۾ 1955ع ۾ جنم ورتو .



سياستدان - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بجاراڻي هزار خان
بچاڻي شمشاد بيگم
اسد سڪندر ملڪ
اسد عابد قاضي
اسفند يار ولي
اسماعيل راهو
اصغر خان
اعجاز جکراڻي
اعجاز علي خان ٽالپر
اعجاز علي خان جتوئي
سياستدان ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون