داخلا نمبر 3882
عنوان آغا شمشاد مغل
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 491 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
آغا شمشاد مغل

آغا شمشاد مغل

آغا شمشاد مغل

آغا شمشاد مغل: شمشاد علي مغل ولد رسول بخش مغل 1962ع ۾ ڄائو . بي . اي ، ايم . اي اڪنامڪس ۾ ڪيائين . سياست جي شروعات 1978ع ۾ پ پ پ جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪيائين . ان کانپوءِ 1987ع ۾ پ پ ڇڏي ، جيئي سنڌ محاذ ۾ شموليت اختيار ڪيائين . ان کانپوءِ سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جو بنيادي ميمبر به رهيو . پوءِ ڪن نظرياتي اصولن تي اختلاف جي ڪري ، ترقي پسند پارٽيءَ کي 1997ع ۾ خيرباد چئي ، 2000ع ۾ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ سان گڏ ايس . اين . پي يعني سنڌ نيشنل پارٽيءَ جو بنياد وڌائين . ان کانپوءِ ’جسنپ ‘ يعني جيئي سنڌ نيشنل پارٽيءَ جو بنياد وڌائين ، جنهن جو پاڻ چيئرمئن هو . هن سياسي سفر ۾ چوڏهن سال روپوش ۽ نَوَ سال مختلف وقت تي جيلن ۾ رهيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو