آغا شهاب الدين

آغا شهاب الدين

آغا شهاب الدين

آغا شهاب الدين: آغا شهاب الدين، آغا تاج محمد جو فرزند 3 جون 1939ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. جامعه عربيه هاءِ اسڪول حيدرآباد مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان انٽر ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي آنرس ۽ ايم. اي فرسٽ ڪلاس ۾ ڪيائين. بعد ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ڊيولپمينٽ آفيسر مقرر ٿيو. لڳ ڀڳ 39 سال سنڌ جي مختلف شهرن ۾، مختلف ادارن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 1999ع ۾ سرڪاري ملازمت تان رٽائر ڪيائين. علمي ادبي ۽ تعليمي ڪمن ۾ سدائين اڳي کان اڳرو رهندو هو، خاص طور تي سچل سرمست ۽ لعل قلندر جي ميلن تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنسن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيندو هو. سندس ڪالم ۽ مضمون، گذريل ٽيهن سالن کان وٺي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس ڪيترائي ڪتاب پڻ تصنيف ڪيل آهن. جن ۾ ”سنڌ جو مقدمو“ ۽ ”عدالت عداوت“ ”لوڪل گورنمينٽ سسٽم“ (انگريزي)، ”ڪميونٽي ڊيولپمينٽ“ (انگريزي) ۽ ”ايوانن ۾ پڙاڏو“ اهم آهن. هن ڪوميلا ۽ منيلا ۾ لوڪل گورنمينٽ ۽ ڳوٺاڻي ترقيءَ جي سلسلي ۾ ٻن ڪانفرنسن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ کان سواءِ يورپ، آمريڪا، شام ۽ عربستان جا دؤرا پڻ ڪيا آهن. هن قاسم آباد حيدرآباد ۾ ’آغا تاج محمد هاءِ اسڪول‘ ۽ ’شهاب ڪاليج‘ جي نالي سان تعليمي ادارا قائم ڪيا. هو آگسٽ 2011ع ۾ وفات ڪري ويو.


لفظ آغا شهاب الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.06.03  عيسوي

آغا شهاب الدين 3 جون 1939ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو .


2011.08.00  عيسوي

آغا شهاب الدين آگسٽ 2011ع ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه خواجه
آڍو خان جتوئي
طارق بن زياد
سيد نظام الدين شاهه امروٽي مولانا
پوراني ميرڪ سيد محمد احسن ٺٽوي
سريچند پنجومل صابلاڻي
بابا نيڀراڄ
در محمد سومرو
بزرگ بن شهريار1
حفظ الله خان نواب
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون