آغا غلام نبي پٺاڻ

آغا غلام نبي پٺاڻ

آغا غلام نبي پٺاڻ

آغا غلام نبي پٺاڻ: آغا غلام نبي پٺاڻ، 18 جولاءِ 1911ع تي سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم سکر، ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي مان حاصل ڪيائين. بي. ايس سي جي ڊگري مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه مان حاصل ڪيائين، جتي سندس ملاقات قائداعظم سان ٿي. پوءِ هُن جي چوڻ تي واپس سنڌ آيو ۽ مسلم ليگ کي منظم ڪيائين. تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن هو. 1938ع ۾ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جو جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. پوءِ 1951ع تائين مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽريءَ جي عهدي تي ڪم ڪندو رهيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ بنا مقابلي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي آيو. جنوري 1950ع ۾ صوبائي ڪابينه ۾ شامل ڪيو ويو. 1956ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي (ون يونٽ) جو ميمبر ٿيو. ڊاڪٽر خان صاحب کان پوءِ جڏهن عبدالرشيد صوبائي ڪابينا ٺاهي ته آغا صاحب ان ۾ شامل هو. ڪجهه وقت کان پوءِ آغا صاحب ائنٽي ون يونٽ فرنٽ ۾ شامل ٿيو، جنهن جو صدر ايوب کهڙو هو ۽ ٻين ميمبرن ۾ جي. ايم. سيد، پيرپاڳارو، مخدوم طالب الموليٰ، مير غلام علي ٽالپر، قاضي فضل الله، عبدالستار پيرزادو، مولابخش سومرو، غلام محمد وساڻ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جهڙا اڪابر شامل هئا. ايوب خان جي مارشل لائي دؤر ۾ آغا صاحب تي ’ايبڊو‘ هيٺ سياسي گرمين ۾ حصي وٺڻ تي پابندي هنئي وئي، انهيءَ دوران محترمه فاطمه جناح جي چونڊ مهم شروع ٿي ته آغا صاحب انهيءَ مهم ۾ وڌي حصو ورتو. 1973ع ۾ پاڪستان جي پهرين سينيٽ جو ميمبر ٿيو ۽ 1977ع تائين سينيٽر هو. 1977ع ۾ پيپلزپارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي سکر مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. آغا صاحب 2 جولاءِ 1997ع تي وفات ڪري ويو.


لفظ آغا غلام نبي پٺاڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1911.07.18  عيسوي

آغا غلام نبي پٺاڻ ، 18 جولاءِ 1911ع تي سلطان ڪوٽ ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو .


1997.07.02  عيسوي

آغا غلام نبي پٺاڻ 2 جولاءِ 1997ع تي وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين بخش سخيراڻي
رانڪ رشيد خان ڪلهوڙو
خسروي مرزا علي نواز بيگ
امداد محمد شاهه
جهانگير قريشي
پيرزادو مولوي محمد معاذ
حسن بخش شاهه صوفي
ڀڳت واڌورام
سر ڪائوسجي جهانگير1 CSI
راسل پٽ وسايو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون