داخلا ؛ 3311
پڙهيو ويو ؛ 626
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-20


تصويرون


yahya-khan.jpg
آغا محمد يحييٰ خان
آغا محمد يحييٰ خان



ٽائيم لائين

1917.00.00-A.D
پاڪستان جو اڳوڻو ڪمانڊر ان چيف آغا محمد يحييٰ خان ، 1917ع ۾ ڄائو .

1980.08.09-A.D
آغا محمد يحييٰ خان 9 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪري ويو .




sindhianaسنڌيانا--آغا محمد يحييٰ خان

ٽائيٽل ؛ آغا محمد يحييٰ خان


شاخ : فوج

آغا محمد يحييٰ خان: -پاڪستان- جو اڳوڻو ڪمانڊر -ان- چيف -آغا- محمد يحييٰ خان، 1917ع ۾ ڄائو. هن 1938ع ۾ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. مختلف عهدن تي رهڻ کان پوءِ کيس اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس ڪئريئر جنرل محمد -ايوب خان- جي عملي سرپرستيءَ ۾ تيزيءَ سان -ترقي- ڪندو رهيو، -تان- جو 1957ع ۾ کيس ميجر جنرل جي عهدي سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو به ڏنو ويو. -آڪٽوبر- 1958ع ۾ ايوبي مارشل لا جو مُک مُهرو به هيءُ ئي هو. -جنوري- 1959ع ۾ صدر -ايوب خان- ڪراچيءَ جي ناسازگار حالتن کي ڏسندي نئين گاديءَ جي هنڌ بنائڻ لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي ۽ يحييٰ خان اُن جو چيئرمئن ٿيو، جنهن راولپنڊيءَ سان لاڳو هڪ علائقي کي ’اسلام آباد‘ جو نالو ڏئي گاديءَ جي هنڌ لاءِ چونڊيو ۽ -ان- شهر جي انتظام کي هلائڻ لاءِ هڪ مستقل ادارو ’ڪئپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي‘ (C.D.A) جي نالي سان وجود ۾ آيو، جنهن جو پهريون چيئرمئن به يحييٰ خان هو.
سيٽمبر 1965ع جي -جنگ- ۾ کيس ’هلال جرات‘ جو اعزاز ڏئي، پوءِ سيپٽمبر 1966ع ۾ جنرل موسيٰ جي جاءِ تي پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر -ان- چيف بنايو ويو. اڍائي سالن کان پوءِ جڏهن 1968ع ۾ -ايوب خان- جي خلاف ملڪ جي هر حصي ۾ مظاهرا شروع ٿيا ته يحييٰ خان، -ايوب خان- کي صدارتي عهدي کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنجي ويهي رهيو. سندس سنڌ سان نسبت جو وڏو حوالو اهو آهي ته 1 -جولاءِ- 1971ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان به يحييٰ خان ڪيو هو. جنهن بعد سنڌ ايوبي دور کان پوءِ هڪ ڀيرو وري -پاڪستان- ۽ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿي.
هن جي دؤر ۾ ملڪ جون حالتون تمام خراب ٿي ويون. 16 ڊسمبر 1971ع تي -اوڀر- -پاڪستان- -بنگلاديش- بنجي ويو. هڪ پاسي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان ليڊر ٿيا. صورتحال نازڪ ٿي وڃڻ سبب يحييٰ خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. 20 ڊسمبر 1971ع تي جنرل يحييٰ خان صدارت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي عهدن -تان- استعيفا ڏني ۽ اهي ٻئي عهدا ذوالفقار علي -ڀٽي- صاحب سنڀاليا. 8 -جنوري- 1972ع تي يحييٰ خان کي نظربند ڪري، سندس خواهش تي کيس لنڊن روانو ڪيو ويو.
9 -آگسٽ- 1980ع تي وفات ڪري ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آغا محمد يحييٰ خان- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آغا محمد يحييٰ خان - مان نڪتل ٻيون شاخون-


فوج - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اسلم بيگ مرزا
ايوب خان
آصف نواز جنجوعا
آغا محمد يحييٰ خان
پاڪستان ايئر فورس


.....فوج موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن