داخلا ؛ 3335
پڙهيو ويو ؛ 386
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-20


تصويرون


agha-nasir.jpg
آغا ناصر
آغا ناصر



ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آغا ناصر

ٽائيٽل ؛ آغا ناصر


شاخ : ڊراما نگار

آغا ناصر: نامياري براڊ ڪاسٽر -آغا- ناصر، 1955ع ڌاري، ريڊيوپاڪستان -تان- پروگرام پروڊيوسر جي حيثيت ۾ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو. پنهنجي تقرريءَ کان اڳ هن ريڊيي لاءِ، ڪيترائي ڊراما لکيا هئا، ريڊيو پروگرامن ۾ حصو پڻ ورتو هئائين، پر پروڊيوسر جي حيثيت سان گهڻو مشهور ٿيو. 8 سال ريڊيو -پاڪستان- تي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ 1964ع ۾ کيس ٽي. وي ٽريننگ لاءِ لنڊن موڪليو ويو ۽ واپسيءَ ۾ کيس اطلاعات ۽ سُڌ سماءَ واري وزارت جي ٽي. وي پلاننگ سيل ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. نومبر 1964ع ۾ پهرين ٽي. وي -اسٽيشن- جي افتتاح جي موقعي تي سندس بدلي لاهور ڪئي وئي. ٽي. ويءَ تي هن، هڪ سؤ کان وڌيڪ ڊراما ۽ شو پروڊيوس ڪيا آهن. 1967ع ۾ -آغا- صاحب، ريڊيو -تان- استعيفيٰ ڏئي مستقل طور پروگرام مئنيجر طور تي مقرر ٿيو. 1971ع ۾ کيس پي ٽي ويءَ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز لاءِ نامزد ڪيو ويو ۽ هو ڊائريڪٽر آف پروگرام ايڊمنسٽريشن بڻجي ويو. 8 سالن تائين انهيءَ عهدي تي فائز رهيو. بعد ۾ 1988ع تائين پي ٽي ويءَ جي مختلف اهم انتظامي عهدن تي رهيو. سندس ادبي ڪم به وڏي اهميت جوڳو آهي. سندس -ٻه ڪتاب- ’آغا ناصر ڪي سات ڊرامي‘ ۽ ’ٽيليويزن ڪي ڊرامي‘ ڇپيل آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آغا ناصر- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آغا ناصر - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ڊراما نگار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
اتم ديارام هنڱوراڻي
آغا صوفي
آغا ناصر
ايوب گل


.....ڊراما نگار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن