آفتاب ادب عرف ساهتيه جو سج

آفتاب ادب عرف ساهتيه جو سج (ڪتاب ):حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو 1956ع ۾ ڇپيل ڪتاب، ’آفتاب ادب عرف ساهتيه جو سج‘، سنڌي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ۽ مستند ڪتاب ليکجي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ علم عروض ۽ ڇند وديا کانسواءِ نثر نويسيءَ ۾ فصاحت ۽ بلاغت تي عمدي نموني سمجهاڻيون ڏنيون آهن. هيءُ ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. هن ۾ 215 صفحا آهن ۽ قيمت سوا ٻه روپيا اٿس. ڪتاب ڪرائون سائيز ۾ پڪي جلد سان آهي. حڪيم صاحب اهو ڪتاب 24 ڊسمبر 1940ع ۾ لکي پورو ڪيو، پر اشاعت هيٺ 1956ع ۾ آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو