آفتاب سنڌ

آفتاب سنڌ (اخبار): هي اخبار 1895ع ۾ سکر مان جاري ٿي، هي هفتيوار اخبار هئي، هن اخبار جو مالڪ سکر جو سيٺ حاجي احمد ميمڻ ۽ ايڊيٽر مرحوم شمس الدين بلبل هو. هن اخبار مسلمانن کي هوم رول تحريڪ واري زماني ۾ غلط روش اختيار ڪرڻ کان انتباهه ڪيو. هن اخبار جا ”هند واسي“ ۽ مسلمانن جي ”الامين“ سان قلمي مقابلا به ٿيا. 1923ع ۾ مالي مشڪلاتن سبب هي اخبار بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو