داخلا نمبر 4119
عنوان آفتاب سومرو
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 861 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو
آفتاب سومرو

آفتاب سومرو

آفتاب سومرو

آفتاب سومرو: آفتاب احمد ’آفتاب‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي سوشيالاجي، ايم. اي انگلش ۽ ايل. ايل بي آهي. آفتاب سـومـري جـونيئر اسڪول ٽيچر (J.S.T) جي حيثيت سان سرڪاري نوڪريءَ جو آغاز ڪيو، بعد ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي حيدرآباد ۾ انسٽرڪٽر مقرر ٿيو. ان کانپوءِ ’اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيشنل بوڪ ڪائونسل آف پاڪستان‘ جي عهدي جي ذميواري سنڀاليائين، جنهن سلسلي ۾ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ به خدمتون انجام ڏنائين. سندس ٽي ڪتاب شايع ٿيل آهن: 1. مزدڪ جي ملڪ ۾ (سفرنامو)، 2. ايران جو سفرنامو (اردو)، 3. بيجنگ ڪي بازاون سي بئنڪاڪ ڪي بازارون تڪ (اردو ۾ سفرنامو).
هي ’سماج سڌار تحريڪ‘ جو باني ميمبر، ’سامي ريسرچ سوسائٽيءَ‘ جو باني ميمبر، ’پروگريسور ٿنڪر فورم‘ ۽ ’سنڌي ادبي سنگت‘ جو سرگرم ڪارڪن رهي چڪو آهي. ان کان سواءِ آفتاب سومرو ’شعور‘ رسالي جو ايڊيٽر ۽ ’نئين دنيا‘ جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر ۽ ’روشن خيال‘ رسالي جو ٻانهن ٻيلي به رهي چڪو آهي. اڄڪلهه سچل سرمست تي تحقيق ڪري رهيو آهي. گڏوگڏ اسلام آباد ۾ نيشنل بوڪ فائونڊيشن جي سيڪريٽريءَ جي عهدي تي خدمتون پڻ انجام ڏئي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1956.10.11  عيسوي

آفتاب سومرو: آفتاب احمد ’ آفتاب ‘ ولد محمد اسحاق سومرو 11 آڪٽوبر 1956ع ۾شڪارپور ويجهو مريد سيٺار ڳوٺ ۾ ڄائو . سندس تعليمي قابليت ايم . اي سوشيالاجي ،



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون