داخلا ؛ 3366
پڙهيو ويو ؛ 438
پسند ڪيو ويو ؛ 1
تاريخ ؛ 2012-03-21


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آفـيم

ٽائيٽل ؛ آفـيم


شاخ : نشو

آفـيم: پوست (پُست) جي ڏوڏين جو رس (ڪچن ڏوڏن کي چير ڏبا ته رس نڪرندو) جيڪو ڪاري رنگ جو ٿيندو آھي. سڪل ڏوڏين کي ڪاڙھي انھن مان پڻ آفيم ڪڍبو آھي. هڪ خيال موجب آفيم اصل ۾ سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي اھ + ڦيڻ = نانگ جھڙي ڪاري گجي، يا نانگ جي وات مان نڪتل زھر جھڙي ڦيڻ (جيڪا نشو ڪري ۽ مرڻ جھڙو ڪري ڇڏي). پوست جي ٻوٽيءَ جو گل تمام ڳاڙھو ۽ ٻين گلن کان سھڻو ٿئي ٿو. فارسي ٻوليءَ ۾ -ان- گل کي ”گل لاله“ چوندا آھن.
حڪيمن جو چوڻ آهي ته آفيم طبي لحاظ کان ظاھري ۽ باطني حَسُن کي سست ڪندڙ آھي، -ان- جي کائڻ سان ننڊ ايندي آھي ۽ گھڻي سور جي حالت ۾ آرام ڏيندو آھي. رت جي دستن کي -بند- ڪندو آھي. کنگھه، زڪام، پگھر جي گھڻائيءَ، معدي ۽ سيني جي رطوبت کي خشڪ ڪندو آھي. يوناني دوائن ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. آفيم کي سنڌ ۾ ”امل“ پڻ چوندا آھن. آفيم جو وڏي ۾ وڏو مرڪز افعانستان ۽ -پاڪستان- جا -اتر اولهه وارا علائقا- آهن.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آفـيم- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آفـيم - مان نڪتل ٻيون شاخون-


نشو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
آفـيم


.....نشو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن