آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس

آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس: انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس'>آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جو باني سرسيد احمد خان هو، جنهن مسلمانن ۾ تعليم جو لاڙو پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون.
ڪانفرنس جو پهريون اجلاس 27 ڊسمبر 1886ع تي علي ڳڙهه محمدن ائنگلو اورينٽل ڪاليج ۾ ٿيو. هن تحريڪ ذريعي علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. ڍاڪا يونيورسٽي ۽ اسلاميه يونيورسٽي به هن تحريڪ جو ثمر هيون. هن ڪانفرنس جي 1906ع واري اجلاس ۾ مسلم ليگ جو قيام عمل ۾ آيو. هن ڪانفرنس پاران 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾، 1914ع ۾ روالپنڊيءَ ۾، 1919ع ۾ خيرپورميرس ۾ ۽ 1936ع ۾ لاهور ۾ وڏي پئماني تي اجلاس ڪيا. هن ڪانفرنس ذريعي ڪيترائي اسڪول ۽ ڪاليج پڻ وجود ۾ آيا.


لفظ آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو