آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن

آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن: گڏيل هندستان ۾ مسلمان شاگردن جي مشهور تنظيم (AIMSF) هئي. 1935ع ۾ لکنـوء ۾ مسلمان شاگردن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت قائداعظم ڪئي. ان اجلاس کان ترت ئي پوءِ جنوري 1936ع ۾ لکنوء ۾ ’انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن'>آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن‘ جو بنياد پيو. فيڊريشن جو پهريون اجلاس ڊسمبر 1937ع ۾ ڪلڪتي ۾ قائداعظم جي صدارت ۾ ٿيو. ان کان پوءِ هن تنظيم مسلمانن جي عظيم مفادن لاءِ باقاعده ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو.
سنڌ ۾ هن فيڊريشن جو بنياد 1943ع ۾ پيو ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ فيڊريشن جون شاخون کوليون ويون، جيڪي ’يونين‘ جي نالي سان سڏبيون هيون. سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پهريون صدر عبدالعليم دريشاڻي ٿيو. حيدرآباد جو جنرل سيڪريٽري قاضي عبدالمنان، ٺٽي جو عبدالڪريم عقيلي، شڪارپور جو عبدالغفور ڀرڳڙي (خادم الاسلام) ۽ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي يونين جو سيڪريٽري نجم الدين بلوچ ٿيا سنڌ جي مسلمان شاگردن هن تنظيم ۾ جوش ۽ جذبي سان ڪم ڪيو. سنڌ ۾ هن پليٽ فارم تان خدمتون سرانجام ڏيندڙن ۾ آغا غلام نبي پٺاڻ، ڪريم بخش خالد، اختر مير منصب علي، حاجي عبدالله هارون جي خاندان جا ماڻهو ۽ ٻيا قابل ذڪر آهن.


لفظ آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو