داخلا ؛ 3559
پڙهيو ويو ؛ 671
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون




ٽائيم لائين

1885.00.00-A.D
آل انڊيا ڪانگريس ڀارت جي مشهور سياسي جماعت، جيڪا 1885ع ۾ قائم ٿي.




sindhianaسنڌيانا--آل انڊيا ڪانگريس

ٽائيٽل ؛ آل انڊيا ڪانگريس


شاخ : سياسي پارٽي

آل -انڊيا- ڪانگريس: ڀارت جي مشهور سياسي جماعت، جيڪا 1885ع ۾ قائم ٿي، -ان- جو بنيادي مقصد هندستان کي آئيني ذريعن سان نو آبادياتي حق ڏيارڻ هو. 1917ع ۾ انتهاپسند عنصرن، مهاتما گانڌيءَ جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ اعتدال پسند سياستدانن ۽ سڀني کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪانگريس ۾ اڪثريت راءِ حاصل ڪري انگريزن کان سوراج جو مطالبو ڪيو. -ان- دور ۾ ڪانگريس جو خاص هٿيار اهنسا ۽ سول نافرماني هئا، -جن- کي پهريون ڀيرو 1919ع ۾ وسيع پئماني تي استعمال ڪيو ويو. ٻي مهاڀاري -جنگ- (1939ع) دوران ڪانگريس، سول نافرمانيءَ ۽ ڀڃ ڊاهه جي تحريڪ هلائي، -ان- سان گڏ ڀارت مان انگريزن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ’هندستان ڇڏيو‘ (Quit India) جو نعرو هنيو. نتيجي طور ڪانگريس جا گهڻا اڳواڻ گرفتار ٿيا ۽ 1942ع کان 1945ع تائين هن جماعت کي غيرقانوني قرار ڏئي، -ان- تي پابندي وڌي وئي. -انڊيا- ڪانگريس'>-آل -انڊيا- ڪانگريس- جا سنڌ ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، اين.آر. ملڪاڻي ۽ ٻيا سنڌي اڳواڻ سرگرم رهيا.
-ان- کان پوءِ واري زماني ۾ جڏهن -انگريز- حڪومت سان ٻيو ڀيرو ڳالهيون ٿيون ته -ان- وقت هندستان جا مسلمان ’آل -انڊيا- مسلم ليگ‘ جي پليٽ فارم تي متحد ٿي چڪا هئا، تنهنڪري ڪانگريس کي مسلم ليگ جي مطالبي موجب مسلمانن لاءِ جدا اسلامي رياست جو مطالبو تسليم ڪرڻو پيو. 14-15 -آگسٽ- 1947ع تي ننڍي کنڊ هندستان ۾ ٻه جدا جدا آزاد رياستون ’پاڪستان‘ ۽ ’ڀارت‘ جي نالن سان وجود ۾ آيون ۽ ڪانگريس ڀارت ۾ حڪمران -پارٽي- ٿي.
مارچ 1977ع جي عام چونڊن ۾ هن جماعت کي جنتا پارٽيءَ جي مقابلي ۾ سخت شڪست آئي. اهڙيءَ طرح ڀارت ۾ ڪانگريس جي ٽيهن سالن جي مسلسل حڪومت جو خاتمو ٿي ويو، پر 1980ع جي چونڊن ۾ هيءَ جماعت ٻيهر اقتدار ۾ آئي. ڏهن سالن کان پوءِ ٻيهر سندس اقتدار جو خاتمو آيو. -ان- بعد اها -پارٽي- ڀارت ۾ مخالف ڌر جي وڏي -پارٽي- ٿي اُڀري، -ان- کان پوءِ هڪ ڀيرو وري ڪانگريس -پارٽي- اقتدار ۾ آئي ۽ هن وقت ڀارت ۾ ڪانگريس جي سربراهه سونيا گانڌي آهي. هن وقت ڀارت ڪانگريس جي حڪومت آهي ۽ ڪانگريس سان لاڳاپيل من موهن سنگهه -ان- جو وزير اعظم آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آل انڊيا ڪانگريس- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آل انڊيا ڪانگريس - مان نڪتل ٻيون شاخون-


سياسي پارٽي - موضوع جون ٻيون داخلائون-
ايم ڪيو ايم
ايم ڪيو ايم حقيقي
آل انڊيا ڪانگريس
آل انڊيا مسلم ليگ
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
پاپولر يونٽي
جماعت اسلامي
پاڪستان تحريڪِ انصاف
پاڪستان پيپلز پارٽي
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي شيرپائو
پاڪستان جمهوري پارٽي
پاڪستان مساوات پارٽي
پاڪستان مسلم ليگ
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل
پاڪستان مسلم ليگ ق
پاڪستان مسلم ليگ ن


.....سياسي پارٽي موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن