داخلا نمبر 4262
عنوان آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
شاخ سياسي پارٽيون
پڙهيو ويو 258 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي پهرين جلد جو ضميمو

آل پارٽيز حريت ڪانفرنس

آل پارٽيز حريت ڪانفرنس: هي ڪشمير جي 26 سياسي ، سماجي ۽ مذهبي تنظيمن جو هڪ گڏيل اتحاد آهي . حريت ڪانفرنس جو بنياد 10 مارچ 1993ع تي پيو ، جيئن ته حريت لفظ جي معنيٰ
آزادي ( Liberty ) آهي تنهنڪري ان اتحاد جو مقصد اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ نمبر 47 مطابق ڪشميرين لاءِ حق خود اراديت ( Self determination ) حاصل ڪرڻ آهي . ڪانفرنس جي قيام وقت ان جي ميمبرن ۾ ” ڄمون ائنڊ ڪشمير لبريشن فرنٽ “ ( JKPL ) جو رهنما ياسين ملڪ ، ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ليگ ( JKPL ) جو رهنما شيخ يعقوب ، ” پيپلز ڊيموڪرِئٽڪ فرنٽ “ ( PDF ) ” اتحاد مسلمين “ جو مولانا عباس انصاري ، ” اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ “ ۽ مسلم ڪانفرنس جو پهريون اڳواڻ عبدالغني بَٽ ، مير واعظ عمر فاروق شامل آهن . مير واعظم عمر فاروق بعد ۾ ڄمون ائنڊ ڪشمير عوامي ائڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمئن پڻ ٿيو . انهن سمورن آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي قيام ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو . 2002ع وارين عام چونڊن کانپوءِ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي . ان جو سبب اهو هو ته حريت جي آئين جي ابتڙ ڪجهه اتحادين چونڊن ۾ حصو ورتو . تنهن کانپوءِ هڪ ڌڙي جو اڳواڻ سيد علي شاهه جيلاني ۽ ٻئي ڌڙي جو مير واعظ عمر فاروق ٿيو . عمر فاروق جو پيءُ 90 واري ڏهاڪي ۾ هڪ سياسي سازش تحت قتل ٿيو هو . 2004ع کان وٺي مير واعظ عُمر فاروق ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ڪشمير جي مسئلي جي حوالي سان ٽي اجلاس ٿي چڪا آهن . جڏهن ته سيد علي شاهه جيلانيءَ واري ڌڙي جو مؤقف آهي ته هندستان حڪومت سان ان وقت تائين ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي ، جيستائين اها پنهنجي فوج ڪشمير مان ٻاهر نه ٿي ڪڍي ۽ ڪشمير کي غير تڪراري رياست ( Undisputed territory ) طور قبول نه ٿي ڪري . جنوري 2010ع ۾ طبش ڀٽ آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جو اڳواڻ چونڊيو ويو . موجوده آل پارٽيز حريت ڪانفرنس جي ميمبرن ۾:
( 1 ) مير واعظ عمر فاروق ( عوامي ائڪشن ڪميٽي ) ( 2 ) مولانا محمد عباس انصاري ( تحاد مسلمين ) ( 3 ) محمد عمر فاروق ( انجمن اوقافِ جامع مسجد ) ( 4 ) سـيـد قـاسـم شاهه بخاري ( انـجـمـن تـبليغ الا اسلام ) ( 5 ) قاضي غلام محمد ( امت اسلامي ) ( 6 ) اشياق قادري ( آل ڄمون ائنڊ ڪشمير امـپـلائـيـز ڪـنـفـيـڊريـشـن ) ( 7 ) مــولانا طـاهـري ( جـمــاعت اَهِــل حــديــث ) ( 8 ) عبدالغني اظهري ( جماعت علماءِ اسلام ) ( 9 ) مولانا ايم ياسين همداني ( جماعت همدانيه ) ( 10 ) عبدالغني لون ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز ڪانفرنس ) ( 11 ) محمد ياسين ملڪ ( ڄمون ڪشمير لبريشن فرنٽ ) ( 12 ) نور الحسن ( ڄمون ائنڊ ڪشمير هيومن رائيٽس ڪميٽي ) ( 13 ) مفتي بهاءُ الدين فاروقي ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز بئس رائيٽس ( پروٽيڪشن ڪـمـيـٽي )
( 14 ) مولانا محمد عباس انصاري ( Liberation council ) ( 15 ) مولانا محمد مبارڪي ( ڪشمير بَزمِ توحيد ) ( 16 ) ميان عبدالقيوم ( ڪشمير بار ائسوسيئيشن ) ( 17 ) مس ضمرودا حبيب ( مسلم خواتين مرڪز ) ( 18 ) پروفيسر عبدالغني بٽ ( مسلم ڪانفرنس ) ( 19 ) عبدالصمد ( پوليٽيڪل ڪانفرنس ) ( 20 ) ثاقب ڀٽ ( تحريڪ حريت ڪشميري ) ( 21 ) شيخ يعقوب ( پيپلز ليگ ) ( 22 ) شڪيل بخشي ( اسلامڪ اسٽوڊنٽس ليگ ) ( 23 ) رفيق احمد مير ( امام احمد رضا اسلامڪ مشن ) ( 24 ) مولانا عبدالرشيد دائود
( 25 ) محمد فاروق رحماني ( ڄمون ائنڊ ڪشمير پيپلز فريم ليگ ) شامل آهن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو