داخلا ؛ 3567
پڙهيو ويو ؛ 466
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-22


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس

ٽائيٽل ؛ آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس


شاخ : ادارو

آل -پاڪستان- ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس: شروع ۾ هڪ ادارو ’آل -انڊيا- محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس‘ جي نالي سان گڏيل هندستان ۾ سرگرم عمل هو، جنهن جو بنياد سرسيد احمد خان وڌو هو. -پاڪستان- ٺهڻ کان پوءِ هن اداري جو ناظم سيد الطاف علي بريلوي 1950ع ۾ -پاڪستان- لڏي آيو ۽ 1951ع ۾ ’آل -پاڪستان- ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس‘ جي نالي سان -ان- جو بنياد رکيائين. ابتدا ۾ هن جي آفيس ڪراچيءَ جي صدر علائقي ۾ ميجر شمس الدين جي ڪوٺيءَ جي هڪ ڪمري ۾ هئي، بعد ۾ سنڌ مدرسي جي هڪ ڪمري ۾ ۽ -ان- کان پوءِ مسواڙ تي جاءِ وٺي اداري جو ڪم ڪار هلايو ويندو هو. هينئر اداري جي آفيس ناظم -آباد- (ڪراچيءَ) ۾ پنهنجي هڪ عاليشان عمارت ۾ آهي.
هيءُ ادارو هڪ علمي، تعليمي ۽ ثقافتي ادارو آهي. -پاڪستان- ۾ مسلمانن جي تعليمي ۽ لساني ترقي، -اصلاح- ۽ تحفظ هن جا بنيادي مقصد آهن. انهن مقصدن جي حاصلات لاءِ جيڪي طريقا طئي ڪيا ويا آهن، انهن ۾ -تصنيف- ۽ تاليف، تعليمي ادارن جو قيام، عورتن جي -تعليم- جي ترقي، لائق استادن ۽ استادياڻين جي تياري، صحيح قسم جي مذهبي -تعليم- جو پرچار، ابتدائي -تعليم- کي عام، مفت ۽ لازمي ڪرائڻ، -تعليم- ۾ سائنس ۽ صنعت جي مضمونن کي شامل ڪرڻ، اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ فوجي -تعليم- لازمي ڪرائڻ، عربي زبان ۾ -تعليم- جو واڌارو، مرڪزي ڪتب خانو قائم ڪرڻ، ڪانفرنسون ڪوٺائڻ، رسالا -جاري- ڪرڻ، بالغن جي تعليم، ۽ ناخواندگيءَ ختم ڪرڻ جون تدبيرون ۽ جسماني تربيت کي نصاب ۾ داخل ڪرائڻ جون ڪوششون شامل آهن.
ڪانفرنس جيتوڻيڪ پنهنجا سڀئي مقصد حاصل نه ڪري سگهي آهي، پر اُن کي سٺي ڪاميابي ضرور حاصل ٿي آهي. اُن جي ’تصنيف ۽ تاليف واري اڪيڊميءَ‘ جي ڪارڪردگي بهتر آهي. هيستائين تعليم، نفسيات، فلسفي، سائنس، ٻوليءَ، ادب، سيرت، سوانح، تاريخ، سماجيات وغيره تي هڪ سؤ کان به وڌيڪ ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. ڪانفرنس جو ٽه ماهي علمي ادبي رسالو ’العلم‘ 1951ع کان مسلسل شايع ٿيندو رهي ٿو.
ڪانفرنس جي نظرداريءَ هيٺ علمي ۽ ادبي مجلسون ٿينديون رهن ٿيون. ناظم -آباد- ۾ سر سيد گرلز ڪاليج، هن ’ڪانفرنس‘ جو ڪارنامو آهي.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد پهريون)

ڇا اوهان وٽ -آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ادارو - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي منڊل ڪراچي
باک اشاعت گهر
اردو ڊڪشنري بورڊ
ٻوٻي آئل فيلڊ
اسرا يونيورسٽي
اسڪالرز اڪيڊمي
اسلامي جمعيت طلبا
اسلامي جمهوري اتحاد
اسلاميه پرنٽنگ پريس حيدرآباد
اسلاميه دارلاشاعت
اسماعيليه ائسوسيئيشن ڪراچي
اسيمبلي
اشاعت
اطلاعات کاتو سنڌ
اقوام متحده
اڪادمي ادبيات پاڪستان
اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا
الجماعت
الحنيف
برسات (اخبار)
الک
الوحيد
برهمو سماج (اخبار)
بشارت
اميريڪن انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي
اپوا
اخبار
بقائي انسٽيٽيوٽ آف ري پروڊڪشن ائنڊ ڊولپمينٽ سائنسز
بقائي ميڊيڪل يونيورسٽي
انجمن حسيني
انجمن مسلم نوجوانان ڍورو نارو
اداره انسانيت حيدرآباد
اداره لطيفي حيدرآباد
ادبي تحريڪون
انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انڊين اينڊ فارين ٽريڊ ايڊورٽائيزر
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي
انقلاب
آزاد ڪميونيڪيشنز ڪراچي
اوقاف
ايس ايم فاطمه جناح گرلز اسڪول
ايم آر ڊي
اي ايم مسلم جيمخانه
بلاول انسٽيٽيوٽ
ايڇ اي جي ريسرچ انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري
اين جي وي هاءِ اسڪول
اينگلو ورنيڪيولر اسڪول سکر
آغا خان اسپتال حيدرآباد
آغا خان فائونڊيشن
بين الاقوامي مالياتي فنڊ
آغا خان يونيورسٽي اسپتال
بهبود اطفال
بلاول فائونڊيشن نوابشاهه
بلاولي تحريڪ
بئنڪ
بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن
بيداري
بنات الاسلام
آل پاڪستان هالائي مسلم کتري فيڊريشن
آل پاڪستان وومين ائسوسيئيشن
آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي
آگم پبلشنگ ايجنسي
آل انڊيا محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل انڊيا مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن
آل پاڪستان ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس
آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
ادب اشاعت گهر
آزاد
آزاد پبليڪيشن شڪارپور
آس
آفتاب سنڌ
انساني حقن واري تنظيم
اصلاح
اڳتي قدم پبليڪيشن شڪارپور
الامين
الحزب
الحق
انور پيرزادو اڪيڊمي
اداره سچل سرمست
انٽرنيشنل پيس بيورو
انٽيل ڪميونيڪيشنز حيدرآباد
انجمن آفتاب ادب دادو
انجمن شعراءِ هالا
انجمن همدرد اسلام
آجيان پبليڪيشن ڊکڻ
ايمنسٽي انٽرنيشنل
ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽس انسٽيٽيوشن
ٻني سنڌو سيوا سنگهه
بزم ادب شڪارپور
آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون
بي . بي . سي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
بزم مولائي شيدائي محمدپور اوڍو
بندي ماترم ناٽڪ منڊلي حيدرآباد
بهادر
اڪبر آشرم لاڙڪاڻو
اداره آواز ادب حيدرآباد
اداره اد ب نو حيدرآباد
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان
اگهوتري


.....ادارو موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن