داخلا جي تاريخ 2012-03-22
داخلا نمبر 3572
عنوان آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن
شاخ ادارا ۽ تنظيمون
پڙهيو ويو 405 ڀيرا
داخلا جو حوالو

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن

آل پاڪستان ميمڻ فيڊريشن:ميمڻ برادريءَ جي مختلف سماجي ڪمن جي انجمنن جي فيڊريشن. هيءَ تنظيم 28 آگسٽ 1953ع ۾ قائم ٿي. اُن جو پهريون صدر (1953ع کان 1956ع تائين) حاجي عبدالشڪور حاجي علي محمد تمبي هو. پاڪستان ۾ رهندڙ 66 مختلف ميمڻ برادرين جي تنظيمن تي مشتمل هن فيڊريشن جو بنياد ان ڪري وڌو ويو ته جيئن ميمڻ برادريءَ لاءِ فلاح ۽ بهبود جي ڪوششن کي گڏيل طريقي سان سرانجام ڏنو وڃي. هيءَ تنظيم رضاڪاراڻي طور تي تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جي ڪيترن ئي فلاحي ادارن کي مدد ڪندي رهندي آهي. هن تنظيم شادي مراديءَ ۾ غيراسلامي ۽ فضول رسمن جي خاتمي لاءِ ڪيترائي سماجي ضابطا جوڙي ۽ عملي طور تي نافذ ڪري، تقريبن ۾ سادگيءَ جي واڌاري لاءِ ڪيتريون ڪوششون ڪيون آهن. مرحوم جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ به ان جو چيئرمين رهي چڪو آهي. هن تنظيم جون سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ سنڌي ميمڻن تي مشتمل شاخون پڻ آهن جيڪي تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائيءَ جي شعبن ۾ خير جا ڪم ڪن ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو