آلجبرا

آلجبرا

آلجبرا

آلجبرا: تحقيق کان پوءِ اهو معلوم ٿيو آهي ته ٽي سئو سال قبل مسيح جي زماني ۾ اقليدس ۽ مدرسه اسڪندريه جا ڪجهه فرد الجبرا کان واقف هئا. تحقيقات جي بنياد تي اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻه هزار سال قبل مسيح جي زماني کان رياضيدانن کي الجبرا جو علم هو. سڀ کان قديم رسالو جنهن ۾ هڪ الجبرائي مسئلو درج آهي سو Ahmes Papyrus آهي جيڪو تقريباً 1600-1700 سال قبل مسيح ۾ لکيو ويو. يوناني رياضيدان دراصل جاميٽريءَ جا عالم هئا ۽ ٽين صدي قبل مسيح جي وچ جو ديو فنطاس سڀ کان پهريون رياضي دان هو جنهن الجبرا تي تقريباً 275ق. م ۾ هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو. هندستان ۾ رياضي دانن ۾ هــمــا گپتا (628ع) مهـاويــرا (850ع) ۽ ڀاسڪرا (1150ع) جي تصنيفن ۾ گهڻي تعداد ۾ اهڙا علمي سوال موجود آهن جيڪي الجبرائي طريقي سان حل ڪيا ويا آهن. اسلامي دنيا ۽ خاص طور تي بغداد ۾ خليفن جي زماني ۾ يونان ۽ هندوستان جي عالمن جون رياضي بابت ڪاوشون گڏ ٿيون ۽ نتيجي طور الجبرا جي علم تي (588ع) ۾ محمد بن موسيٰ الخوارزمي ڪتاب لکيو ۽ 1100ع ۾ ”الڪرخي“ جا درسي ڪتاب مرتب ڪيا ويا. محمد بن موسيٰ الخوارزمي جي الجبرا جو يورپي رياضيات تي تمام گهڻو اثر پيو.
سنڌ ۾ پڻ رياضيءَ جي علم جا اهڃاڻ موهن جي دڙي مان انگن جي نظام جي صورت ۾ مليا آهن. انگريزن جي دور ۾سنڌيءَ ۾ آلجبرا جا ڪتاب ڇپيا جيئن ”جبر ۽ مقابلو“ 1859ع ۾ ڇپيو جيڪو ديوان ننديرام جي پٽ ٿڌي مل ميراڻيءَ ترجمو ڪيو هو.


لفظ آلجبراھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو