داخلا ؛ 3893
پڙهيو ويو ؛ 683
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-06-27


تصويرون




ٽائيم لائين

1908.00.00-A.D
آلندي سيلويڊار ، سال 1908ع ۾ ڄائو

1973.00.00-A.D
آلندي سيلويڊار 1973ع ۾ مارجي ويو




sindhianaسنڌيانا--آلندي سيلويڊار

ٽائيٽل ؛ آلندي سيلويڊار


شاخ : شخصيت

آلندي سيلويڊار: چليءَ جو سوشلسٽ ليڊر ۽ صدر آلندي سيلويڊار، سال 1908ع ۾ ڄائو هو ۽ 1973ع ۾ ماريو ويو. آخري دم تائين هار نه مڃيائين ۽ مشين گن هلائيندي وڙهندو رهيو. شايد ٻئي ڏينهن تي هن جو دوست راڳي شاعر وڪٽر هارا به ماريو ويو. هن جي زال، جون هارا جي ڪتاب “Victor, The Unfinished Song” ۾ آلندي جو ذڪر آهي. آلندي هڪ پڪو مارڪسٽ هو، جيڪو ڏکڻ -آمريڪا- ۾ هڪ آزاد اليڪشن ۾ کٽي ويو هو. هو چليءَ جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو 1943ع ۾ سيڪريٽري جنرل ٿيو، جيتوڻيڪ هڪ سوشلسٽ جي حيثيت ۾ انهيءَ سوشلسٽ گروپ جي خلاف ڪامياب ٿيو هو، جيڪو ڪميونسٽ ڌر جو حامي هو، پر پوءِ هن ڪميونسٽن سان تعاون جي ضرورت محسوس ڪئي ته جيئن چليءَ ۾ انقلابي تحريڪ ڪمزور نه ٿئي. 1948ع ۾ هو سوشلسٽ پارٽيءَ کي صدر گبرئيل گونزاليز وڊيلا جي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ تي آماده نه ڪري سگھيو، نه وري ڪميونسٽ پارٽيءَ جي حمايت تي آماده ڪري سگھيو. هن سوشلسٽ پارٽيءَ کي الوداع ڪري، هڪ ٻي سوشلسٽ -پارٽي- ٺاهي، جنهن کي ”پاپولر سوشلسٽ پارٽي“ نالو ڏنو ويو. جڏهن 1952ع ۾ -ان- پارٽيءَ اڳئين آمر جنرل ڪارلوس ابنيز کي چونڊ ۾ اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي ته آلندي پي. ايس. پي ڇڏي، اصلي سوشلسٽ پارٽيءَ ۾ موٽي آيو. هن کي ڪميونسٽن مدد جي آڇ ڪئي ۽ سوشلسٽن چونڊن ۾ کيس صدارت لاءِ اميدوار چونڊيو. ٻنهي پارٽين -اتحاد- ڪيو، جنهن کي ”پاپولر ائڪشن فرنٽ“ ڪوٺيو ويو، جنهن ٽي ڀيرا 1952ع، 1958ع ۽ 1964ع ۾ آلندي کي صدارتي اميدوار جي حيثيت ۾ مدد ڪئي، پر ڪامياب نه ٿيا. فرنٽ جي جاءِ تي پوءِ ”پاپولر يونٽي“ ٺاهي وئي، جنهن ۾ ريڊيڪل پارٽيءَ جا ميمبر، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اهي ڪرسچن ڊيموڪرئٽ، جيڪي پنهنجي پارٽيءَ سان اختلاف رکندا هئا، شامل ٿيا. 1970ع جي اليڪشن ۾ آلندي کٽي ويو، پر جيئن ته کيس واضح اڪثريت نه هئي، -ان- ڪري اُتان جي قانون مطابق هن جي اليڪشن کي قومي اسيمبليءَ بحال ڪيو، ڪرسچن ڊيموڪرئٽن، آلنديءَ جي -ان- شرط تي حمايت ڪئي ته هو -آئين- کي نه ٽوڙيندو. آلندي جي پروگرام ۾ بئنڪن ۽ خانگي ڪمپنين کي قومي تحويل ۾ وٺڻ به هو ۽ زرعي سڌارا به هئا. زرعي سڌارا تيز ڪيا ويا، 1972ع تائين سموريون وڏيون جاگيرون قوميايون (Nationalize) ويون. آلندي جي سرڪار جو -آمريڪا- سان -ان- وقت ٽڪراءُ ٿيو، جڏهن -آمريڪا- جا ٽامي جا ڪارخانا قومي ملڪيت ۾ ورتا ويا ۽ انهن لاءِ ڪافي معاوضو نه ڏنو ويو. وچولي طبقي جي وڌندڙ ڪرتوتن سبب آلندي خلاف 1972ع ۽ 1973ع ۾ هڙتالون ۽ مظاهرا ٿيا. 1973ع جي اونهاري تائين آلندي جي پورهيت حامين ۽ وچولي طبقي جي ڌرين ۾ اختلاف وڌي ويا. 11 سيپٽمبر 1973ع ۾ آلندي جي حڪومت جو تختو ملٽري ڪُو (Coup) ذريعي اونڌو ڪيو ويو ۽ آلندي محل اندر وڙهندي مارجي ويو.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا پهرين جلد جو ضميمو

ڇا اوهان وٽ -آلندي سيلويڊار- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آلندي سيلويڊار - مان نڪتل ٻيون شاخون-


شخصيت - موضوع جون ٻيون داخلائون-
بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
بابو پالاري
بابو غلام حسين
باتو خان
بادام ناتوان
بادشاهه
بادل2
بادل جمالي
بادو درويش
بارٽل فريئر
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
باگو فقير
باقر سنائي
آتمارام لعلواڻي
بالاچ گرگيج
بالميڪي/والميڪي
بانو قدسيه
بانو محبوب
ٻاٻيهو
ٻاٻاڻي ڪيرت
بجار خان ڊومبڪي
آچار ڪاڪو
بچارام ليلارام ليڏواڻي
بچايو رند
بچل شاهه (بزرگ)
بچل شاهه جيلاني
بچل شاهه
بخاري پير
بخاري جمال الدين
سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيد محسن شاهه بخاري
ڪامريڊ عزيز سلام بخاري
مستور فاطمه بخاري
بختاور ڀٽو زرداري
بختاور پليجو
بختاور شهيد
بختيار چنا
بخش علي جتوئي
بخشل باغي
بخشڻ مهراڻوي
بدر الدين اڄڻ ڊاڪٽر
بدر سميجو
بدر سومرو
ٻاگهل ٻائي
ٻاگهي
ٻانڀڻ
ٻانڀڻ ڊاڪٽر رفيق احمد
ٻانهون خان شيخ
ٻائي ٻڍي
ٻڌ
ٻڍل بيگ ميرزا
ٻڍل شاهه بخاري
ٻڍل شاهه ولد نواب شاهه
ٻرڙو محبت علي ڊاڪٽر
ٻگهيو محمد قاسم ڊاڪٽر
ٻلديو گاجرا
ٻلديو گرمکسنگهه گهنشاڻي
ٻلديو مٽلاڻي
ارنيسٽ ٽرمپ
ٻنوي سيف
ٻوڌراج ٻوڌ
استاد نظاماڻي
اسحاق جمالي ڊاڪٽر
اسحاق سنڌي قلندر پاٽائي
اسدالله ڀٽو
اسدالله ڀٽو پروفيسر
اسدالله شاهه فدا ٽکڙائي حڪيم
اسدالله کهڙوي
اسدالله لاڙڪ ڊاڪٽر
اسد جمال پلي ڊاڪٽر
اسرار شام
اسراڻ غلام محمد، خانبهادر
اسڪائوٽ تحريڪ جو باني
اسڪندر مرزا
اسماعيل بن حضرت امام جعفر الصادق
اسماعيل چانڊيو
اسماعيل شاهه بخاري
اسماعيل فقير ڏيرو
اسماعيل فقير سمون
اشتياق انصاري
اشتياق حسين قريشي ڊاڪٽر
اشرف. ڊبليو. تاباني
اشرف سمون ڊاڪٽر
اشرف شاهه ڪامارائي
اشعري
اصحاب ڪهف
اظهر گيلاني
اعجاز علي بيگ مرزا
اعجاز علي خواجه
اعجاز قريشي پروفيسر
اعظم خان


.....شخصيت موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن