داخلا ؛ 3039
پڙهيو ويو ؛ 1359
پسند ڪيو ويو ؛ 0
تاريخ ؛ 2012-03-17


تصويرون


amri.jpg
آمري
آمري



ٽائيم لائين

1959.00.00-A.D
فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون .




sindhianaسنڌيانا--آمري

ٽائيٽل ؛ آمري


شاخ : قديم آثار

آمري: سنڌ جي قديم آثارن ۾ تمام اهم حيثيت جا هي دڙا ′26◦ 10 -اتر- ويڪرائي ڦاڪ 68◦ 01′ ڊگھائي ڦاڪ تي -آمري- شھر کان اتر- -اتر- اولهه اٽڪل 250 ميٽرن تي سيوھڻ- ڪوٽڙي روڊ جي ڀرسان ڄام شوري ضلعي ۾. انڊس ھائي وي جي ٻنھي پاسي واقع آهن. انهن دڙن جو صفا مٿيون تهه اسلامي دور- گھڻو ڪري مغل دور جو آهي.ٻئي تهه ۾ جھڪر ۽ چانھون دڙو / سنڌو سڀيتا جا آثار آهن ۽ ٽيون تهه -آمري- -ثقافت- سان لڳاپيل آهي. فرانس جي قديم آثارن جي ڄاڻن پاڪستاني قديم آثارن جي محڪمي جي تعاون سان 1959ع کان 1962ع تائين کوٽايون ڪيون. -اوڀر- واري دڙي مان ٽي رھائشي تهه کوٽيا. صفا مٿئين تهه مان اسلامي خاص طور تي مغل دور جا آثار مليا آھن. ھن دور جون اڏاوتون گھڻو ڪري ڪچين سرن جون آھن، پر پڪيون سرون به مليون آھن. ٻئي تهه مان ٽئين سھيسر ق- م جا آثار ملن ٿا. مٿان مليل ٺڪراٺي کي جھڪر ۽ چانھون جي ٺڪراٺي سان ڀيٽي سگھجي ٿو. ٽئين تهه مان ساماڻل سنڌو سڀيتا جي وٿن جھڙيون وٿون مليون آھن. ھنن آثارن سان گڏ پڪين سرن جو ھڪ خانو مليو آھي. جيڪو کوري طور ڪم آندل ٿي ڏٺو. ھن کان ھيٺ جيڪي شيون مليون آھن، -تن- کي -آمري- -ثقافت- سان لاڳاپيل سمجھجي ٿو. -آمري- دور جو ٺڪراٺو گھڻو ڪري چڪ تي لٿل آھي. پر ڪجهه ھٿ سان ٺھيل ڪڍنگو ٺڪراٺو به ملي ٿو. ڪوري زمين جي مٿان موجود ثقافتي ڪٽي کي ڇڏي، باقي مڙني تهن ۾ اڏاوت جا آثار ملن ٿا. ھتي اھڙيون اڏاوتون به مليون آھن، جيڪي چوڌاري -بند- آھن.نه در نه دري. ھي شڪل ۾ چورس آھن. ھنن ڪوٺين ۾ ھڪ ٿلھي ۽ کھري نادي رکيل ھئي، جنھن جي -تري- ۾ رک، جيڪا ڄمي سيمنٽ ٿي وئي؛ سا پيل ھئي. ناديون گھڻو ڪري ڀڳل ھيون. -ان- مان سمجھجي ٿو ته شايد ڪي ساميون ھيون -جن- جي نادين ۾ رکيل ھاٺي ھوندي. ٻئي تهه مان ملندڙ ٺڪراٺو ڳاڙھي رنگ جو آهي جنھن تي ڪاري- تي ڳاڙھا -پٽا- آھن. اھو مشھور سنڌوءَ وارو -ٺڪر- آھي. -ان- کان سواءِ سنھي ڀت سان، ننڍي ڳچيءَ واري ٿانون جو ٺڪر، ڳاڙھسري- ناسي پٽن سان، اندران چاڪليٽي ليڪون نڪتل ٿانون وارو -ٺڪر- ملي ٿو. دنيا ۾ ”آمري ٺڪر“ کي الڳ سڃاڻپ آھي. ھن قسم جو -ٺڪر- -بلوچستان- جي به ڪيترن ماڳن تي مليو آھي. ميٽوڙي رنگ (pale) جو -ٺڪر- جنھن تي مختلف نموني جا چٽ نڪتل ھجن سو -آمري- -ٺڪر- طور سڃاپجي ٿو. ھي -ٺڪر- چڪ تي لٿل آھي. ھتي مسٽر مجمدار ٻه کڏا کوٽيا ھئا.




رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

ڇا اوهان وٽ -آمري- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

آمري - مان نڪتل ٻيون شاخون-


قديم آثار - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغي ڍوري وارو دڙو
بالوءَ جا قبا
بانبڙي جو دڙو
بٺي ٿاڻو عارب
ٻاريءَ جا دٻيل دڙا
ٻانھياريءَ وارو ڀڙو
ٻٽڙي وارو ڀڙو
ٻڌڪي سائيٽ
ٻڌيا
ٻاٻرين جا آثار
ٻاٻرو ماڳ
ارڙ فقير ۽ ان جو مقبرو
ٻلاري ڪوٽ
اروڙ الور
اروڙ ونسي
ٻنڀرو دڙو
ٻنڌڻي
ٻوٽن وارا چٽ
ٻورڙيءَ واري مسجد ۽ روضو
ٻوھي وارو ڀڙو
ٻيڙيءَ وارو ڪوٽيرو
اڪبر بادشاهه جي ڄمڻ جو ھنڌ
اڪ پٽِي دڙو
اڪڙِي
اگهاماڻو-اگهم ڪوٽ
بڊاماڻي پنرو
الحَمرا
الور
ابراهيم حيدري
الهه بند
الھڏنو نل بازار
الهندو نارو
الھيو بندر
الياس محمد ڪلھوڙي جو مقبرو
امام بارگاهه2
برهمڻ آباد
ابل ويسر وارو دڙو
اَمراڻو
بزن جھڏو
آدم جي چوٽي
آدم خان مري جو مقبرو
آدم شاهه جو مقبرو
آدم شاھه جي ٽڪري
امير پير جي غار
اميرخاني قبرستان
امير سلطان محمد جو مقبرو
امير شاهه قاسم زمان جي مزار
اميناڻي
آڏت جو دڙو
اجنتا جون غارون
احدي جو ڀڙو
احمد آباد
آزاد منزل
احمد شاهه
آڏت / آڍاٽ جو دڙو
انگهه دڙو
آڍي خان ، ٻڍي خان جو مقبرو
آرام باغ
انڌي جي موري
انڙ ڪوٽ کيرئين ڪوٽ
انساني قدمن جا پنڊ پهڻ نشان
آسا پورا
ايراني پير نوندو ماڳ
آسڻ 2
آمري
آمري جو دڙو
آسورن جو دڙو
آسوڪا جي ٽڪري
آسيلي
بي ستون
آگياري
بيگم گلان جو مقبرو
بوهي جا قبا
ٺڪر جا ٿانو


.....قديم آثار موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن