داخلا جي تاريخ 2012-03-17
داخلا نمبر 3045
عنوان آمري ڍنڍ
شاخ ارضيات
پڙهيو ويو 438 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون

هن داخلا جون تصويرون موجود ناهن

آمري ڍنڍ

آمري ڍنڍ:آمري شهر جي اوڀر ۾ سنڌو درياهه وڏي اٿل کان پوءِ ٻه- درياهي، يعني نئون وهڪرو ڪيو. انهيءَ وهڪري کي ’پُراڻ‘ سڏيو ويو، جيڪو اندازاً ڇهه ڪلو ميٽر ڊگهو هو. ’پراڻ‘ جي پيٽ، سياري جي مند ۾ ڍنڍ جي صورت اختيار ڪئي، پر ٻئي سال درياهه ’آمري پراڻ‘ ڇڏي وهڪرو مٽائي ويو ۽ ڍنڍ رهجي وئي. ٻين ڍنڍن وانگر ڍنڍ جو ٺيڪو نيلام ٿيندو آهي. آمري ڍنڍ ۾ مڇي وڏي تعداد مري ٿي ۽ پراڻي دادو ضلعي جي قديم ڍنڍن ۾ شمار ٿيندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو