آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون

آمريڪا ۾ سنڌين جون تنظيمون: آمريڪا ۾ سنڌين جون ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون تنظيمون آهن، جيڪي سنڌ جي مسئلن جي نشاندهي ڪري رهيون آهن. آمريڪا ۾ هيٺيون سنڌي تنظيمن ڪم ڪري رهيون آهن:
• سنڌي ائسوسيئيشن آف ڪيليفورنيا
• سنڌي ائسوسيئيشن آف لانگ آئلينڊ
•سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا SANA
• سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ ۽ سائوٿ ڪارولينا
• سنڌي ائسوسيئيشن آف نيو جرسي
• سنڌي ائسوسيئيشن آف واشنگٽن ڊي سي
• سنڌي سڀا آف جارجيا
• سنڌي سرڪل آف نيويارڪ
• مشيگان ائسوسيئيشن آف سنڌي ڪميونٽي
•ورلڊ سنڌي ڪانگريس W.S.C
ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ
اهي تنظيمون انهن سنڌين تي مشتمل آهن جيڪي سنڌ ۽ هند کان هتي نوڪرين ۽ واپار لاءِ اچي آباد ٿيا آهن. انهن تنظيمن جو ڪم سنڌ جا مسئلا کڻڻ، انهن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪرڻ. پرديس ۾ آيل سنڌين جي رهنمائي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ ۽ سال ۾ ڪنوينشن ۽ ڪجهه سماجي گڏجاڻيون ڪرڻ ۽ ميلا لڳائڻ آهي.
مٿين سڀني سنڌي تنظيمن ۾ ڏٺو وڃي ته سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سڀني کان وڌيڪ فعال آهي جنهن جو هر سال 4 جولاءِ تي ساليانو ڪنوينشن ٿيندو آهي جنهن ۾ هو هند ۽ سنڌ مان اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي گهرائي سنڌ جي اهم معاملن بابت گڏجاڻيون ڪندا آهن. ان کان علاوه ورلڊ سنڌي انسٽيٽيوٽ WSI آهي جنهن کي ڪجهه گهٽ عرصو ٿيو آهي، جنهن جو بنياد 1997ع ڌاري پيو. اها هڪ رجسٽرڊ تنظيم آهي، جنهن جي هيڊ آفيس آمريڪا جي گاديءَ واري شهر واشنگٽن ڊي سي ۾ آهي. هن جون شاخون انگلينڊ کان سواءِ ڪئناڊا ۾به آهن. هيءُ تنظيم Sindh Watch نالي مئگزين به ڪڍي ٿي، جنهن جا مختلف ملڪن ۾ نمائندا آهن. سنڌ واچ جو اهم ڪم سنڌين کي هڪ ٻئي جي خبر چار ڏيڻ، سنڌ سان لاڳاپيل مختلف مسئلا جيڪي ماحوليات، ميڊيڪل، تاريخ، سياست انساني حقن ثقافت، ٻولي، تعليم، معاشيات، مطلب ته زندگيءَ جي هر شعبي سان سلهاڙيل آهن، تن کي لکت ۾ آندو وڃي ٿو. سنڌ واچ مئگزين جو مکيه مقصد اهو به آهي ته مختلف سنڌي تنظيمن، گروپن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ پائيدار ڳانڍاپو پيدا ڪجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو