ڪپهه جو ٻوٽو

ڪپهه جو ٻوٽو

آمريڪي ڪپھه

آمريڪي ڪپھه: تاندورن وارن فصلن مان ڪپھه ھڪ اھم فصل آھي، جنھن تي اسان جي ملڪي معيشت جو مدار آھي، سنڌ ۾ ڪپهه جا ٻه مشھور قسم پوکيا ويندا آھن: ھڪ آمريڪي، ٻيو ديسي. ديسيءَ ۾ سنڌي ۽ مصري ڪپھه پوکبي آھي. آمريڪي ڪپھه جا مشھور قسم بي 5570، ايم. اين. ايڇ 93 ۽ بي. ايس 1 آھن، جيڪي سٺين تندن واري ڪپهه جي زياده پيداوار ڏيندا آھن. ھن وقت به وڌيڪ ۽ سٺي پيداوار ڏيڻ لاءِ تجربا ھلندڙ آھن، جن مان ايڪسپريس، ايل. ايڇ 62 ۽ ايل ايڇ 71 اھڙيون جنسون آھن، جيڪي آئندي لاءِ نفعي بخش ثابت ٿينديون. اھي قسم خاص ڪري ان لاءِ سٺا آھن، جو وقت کان اڳي ڦٽندڙ آھن، ٻيو ته جيتن جي حملي خلاف دفاعي قوت پڻ رکندڙ آھن. (تفصيل لاءِ ڏسو: ”ڪپهه“).


لفظ آمريڪي ڪپھهھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو