داخلا نمبر 3056
عنوان آمنه خميساڻي
شاخ شخصيتون
پڙهيو ويو 851 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون
آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي: تعليمي ماھر ۽ استاد، پروفيسر آمنه خميساڻي، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾، 16 اپريل 1919ع تي ڄائي، سکر جو اڳوڻو ڪليڪٽر علي بخش چنو سندس والد ھو، مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي 1943ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ۽ ايم اي انگلش، 1955ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ ھن خاتون، 1963ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ’سترھين صديءَ جي انگريزي ادب‘ جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي. 1969ع کان 1974ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رھي. هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1983ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي 1984ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي.
آمنه خميساڻيءَ مختلف موضوعن تي ڪيترائي تحقيقي مضمون لکيا، جن مان ’سنڌ جي عورت‘،’ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘،’اسلام ۾ عورت جو مقام‘ ۽ ٻيا موضوع شامل آھن، ان کان سواءِ انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن ۾
(1) “Drama Between Two World Wars”,
(2) “Casual Peeps at English Literature”,
(3) “Sindh‘s Contribution to English”,
مشهور آھن. تعليمي ميدان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ آمنه خميساڻي 1985ع ۾ وزٽنگ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿي. سندس وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو نثر ۾ مڪمل انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ پاران 2001ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هيءَ وڏي تعليمي ماهر 2007ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.04.16  عيسوي

آمنه خميساڻي: تعليمي ماھر ۽ استاد ، پروفيسر آمنه خميساڻي ، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾ ، 16 اپريل 1919ع تي ڄائي ،


2007.00.00  عيسوي

آمنه خميساني: هيءَ وڏي تعليمي ماهر 2007ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بابا بنکنڊي مهراج
بابا حاجي ميرمحمد
بابا سريچند
بابا صلاح الدين
بابا فريد مسعود گنج شڪر
بابا گرپت صاحب
بابا گوبند داس
بابا نيڀراڄ
بابر بادشاهه
بابو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون